Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 19:21 - Sindhi Bible

21 پر ابيشي بن ضروياہ ورندي ڏئي چيو تہ انهيءَ لاءِ سمعيءَ کي قتل نہ ڪبو ڇا، جو هن خداوند جي مسح ڪيل تي لعنت وڌي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 تڏهن ابي‌شيءَ جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، ورندي ڏني تہ ”ڇا انهن ڳالهين جي ڪري شمعيءَ کي قتل نہ ڪيو ويندو؟ جڏهن تہ هن خداوند جي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ تي لعنت وڌي هئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 19:21
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ دائود پنهنجن ماڻهن سميت پنهنجي واٽ وٺي هليو ويو: ۽ سمعي سندس سامهون ٽڪر جو پاسو ڏئي هليو ويو، ۽ ويندي هن تي لعنتون وجهندو، ۽ هن کي پهڻ هڻندو، ۽ هن ڏي مٽي اُڇلائيندو هليو ويو.


۽ جڏهن بادشاهہ دائود بحوريم ۾ آيو تڏهن ڏس، سائول جي گهراڻي جي قبيلي مان هڪڙو ماڻهو نڪري آيو، جنهن جو نالو سمعي بن جيرا هو: اهو جيئن آيو ٿي تيئن لعنتون وجهندو آيو.


تڏهن ابيشيءَ بن ضروياہ بادشاهہ کي چيو تہ هي مُئل ڪتو ڇو ٿو منهنجي ڌڻي بادشاهہ تي لعنت وجهي؟ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ وڃي هن جي سسي لاهيان.


اي خدا، اي اسان جي ڍال، تون نظر ڪر، ۽ پنهنجي مسح ڪيل جي منهن ڏانهن نهار.


تون خدا جي برخلاف نہ ڳالهائج، نڪي پنهنجيءَ قوم جي سردارن تي لعنت ڪج.


اسان جي زندگي جو دم، يعني خداوند جو مسح ڪيل، هنن جي کڏن ۾ پڪڙجي پيو؛ جنهن بابت اسين چوندا هئاسين تہ هن جي پاڇي هيٺ اسين قومن ۾ حياتي گذارينداسين.


۽ هن پنهنجن ماڻهن کي چيو تہ خداوند شل ائين نہ ڪري تہ آءٌ پنهنجي ڌڻي، خداوند جي مسح ڪيل سان ائين ڪريان، ۽ جيڪو خداوند جو مسح ڪيل آهي تنهن جي برخلاف آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيريان.


۽ دائود ابيشيءَ کي چيو تہ هن کي نہ مار: ڇالاءِ جو ڪير پنهنجو هٿ خداوند جي مسح ٿيل تي ڊگهيريندو ۽ بي گناهہ رهندو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ