Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 19:19 - Sindhi Bible

19 ۽ هن تڏهن بادشاهہ کي چيو تہ منهنجو ڌڻي مون تي ڪو قصور نہ رکي، ۽ نہ منهنجو ڌڻي اهو ڪم ياد رکي دل ۾ ڪري، جو تنهنجي ٻانهي ڏنگائي ڪري انهيءَ ڏينهن ڪيو هو، جنهن ڏينهن منهنجو ڌڻي بادشاهہ نڪري يروشليم مان ويو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 ۽ بادشاهہ کي چوڻ لڳو تہ ”منهنجو آقا مون تي ڪو قصور نہ رکي ۽ جيڪا بڇڙائي هن ٻانهي اوهان آقا سان اوهان جي يروشلم مان نڪرڻ واري ڏينهن تي ڪئي هئي، تنهن کي منهنجو آقا بادشاهہ ياد نہ ڪري ۽ نہ وري انهيءَ کي پنهنجيءَ دل ۾ رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 19:19
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سندس ڀاءُ ابي سلوم چيس تہ تنهنجو ڀاءُ امنون توسان گڏ ستو آهي ڇا؟ پر هاڻي، اي منهنجي ڀيڻ، ماٺ ڪر: هو تنهنجو ڀاءُ آهي: انهيءَ ڳالهہ جو دل ۾ فڪر نہ ڪر. پوءِ تمر پنهنجي ڀاءُ ابي سلوم جي گهر ۾ غمگين رهندي آئي.


تنهنڪري هاڻي منهنجو ڌڻي بادشاهہ اها ڳالهہ دل ۾ نہ ڪري، ۽ ائين نہ ڄاڻي تہ سڀيئي شهزادا مارجي ويا آهن: ڇالاءِ جو رڳو امنون مئو آهي.


۽ هڪڙي پتڻ جي ٻيڙي، بادشاهہ جي گهراڻي جي پار لنگهائڻ لاءِ، ۽ سندس خدمت لاءِ ويئي. ۽ سمعي بن جيرا يردن لنگهڻ کان پوءِ اچي بادشاهہ جي اڳيان سجدو ڪيو.


مبارڪ آهي اهو ماڻهو جنهن جي بڇڙائين جو خداوند حساب نٿو ڪري، ۽ جنهن جي دل ۾ ٺڳي ڪانهي.


اسان جي ابن ڏاڏن جون خطائون اسان جي برخلاف ياد نہ ڪر: تنهنجو رحم جلد اسان تائين پهچي: ڇو جو ڏاڍا لاچار ٿي دٻجي ويا آهيون.


جيڪڏهن حاڪم جي طبيعت تنهنجي برخلاف ٿئي، تہ پنهنجي جاءِ ڇڏي نہ وڃ؛ ڇالاءِ جو تحمل وڏن ڏوهن کي جهڪو ڪيو ڇڏي.


آءٌ هائو آءٌ، اهو آهيان جو پنهنجي خاطر تنهنجون خطائون مٽائي ٿو ڇڏيان؛ ۽ آءٌ تنهنجا گناهہ ياد نہ ڪندس.


۽ هنن مان ڪوبہ وري اڳتي پنهنجي پاڙيسريءَ کي ۽ پنهنجي ڀاءُ کي ائين چئي نہ سيکاريندو تہ خداوند کي سڃاڻ: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ننڍي کان وٺي وڏي تائين هو سڀ مون کي سڃاڻندا، ڇالاءِ جو آءٌ هنن جي بدڪاري معاف ڪندس، ۽ هنن جو گناهہ وري اڳتي ياد نہ ڪندس.


تڏهن هارون موسيٰ کي چيو تہ، اي منهنجا سائين، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ اسان تي اهو گناهہ نہ رک؛ ڇالاءِ جو اسان بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي، ۽ انهي ڪري اسين گنهگار آهيون.


۽ چوڻ لڳو، تہ مون گناهہ ڪيو آهي، جو بي ڏوهيءَ کي جهلايو اٿم. پر هنن چيس تہ انهي ۾ اسان جو ڇا؟ تون ڄاڻ، تنهنجو ڪم ڄاڻي.


يعني تہ خدا، مسيح ۾ ٿي ڪري جهان کي پاڻ سان ملايو، ۽ هنن جا قصور سندن ذمي شمار نہ ڪيائين، ۽ ميل ميلاپ جو ڪلام اسان کي ڏيئي ڇڏيائين.


آءٌ اڄ ئي هن جي لاءِ خدا کان دعا گهرڻ لڳو آهيان ڇا؟ شل اهڙو ڪم مون کان پري هجي: بادشاهہ پنهنجي ٻانهي تي، يا منهنجي پيءُ جي ساري گهر تي، ڪوبہ الزام نہ آڻي: ڇالاءِ جو تنهنجي ٻانهي کي انهي بابت ڪابہ خبر ڪانهي، نہ ٿوري نہ گهڻي.


آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ منهنجو ڌڻي هن خبيث، يعني نابال ڏي خيال نہ ڏئي: ڇالاءِ جو جهڙو سندس نالو آهي، تهڙو پاڻ آهي، هن جو نالو نابال آهي، ۽ بي عقلي هن سان آهي: پر مون تنهنجي ٻانهيءَ پنهنجي ڌڻيءَ جا جوان ماڻهو نہ ڏٺا، جن کي تو موڪليو هو،


تڏهن سائول چيو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: اي منهنجا پٽ دائود، تون موٽي اچ: ڇالاءِ جو آءٌ توکي اڳتي نقصان ڪونہ رسائيندس، جو اڄ منهنجي حياتي تنهنجي نظر ۾ قيمتي هئي: ڏس، مون بيوَقوفي ڪئي آهي، ۽ ڏاڍي غلطي ڪئي اٿم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ