Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 19:11 - Sindhi Bible

11 ۽ بادشاهہ دائود، صدوق ۽ ابياتر ڪاهنن کي سڏائي چيو، تہ يهوداہ جي بزرگن کي چئو تہ ڇو اوهين بادشاهہ کي پنهنجي گهر موٽائي آڻڻ ۾ سڀني کان پوءِ پيا آهيو؟ جڏهن ڏسو ٿا تہ سڀني اسرائيلين بادشاهہ کي موٽي پنهنجي گهر اچڻ لاءِ چيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 جڏهن اها خبر دائود بادشاهہ کي پيئي، تڏهن هن صدوق ۽ ابي‌ياتر ڪاهنن جي هٿان بني يهوداہ جي سردارن کي چوائي موڪليو تہ ”ڇو اوهين بادشاهہ کي پنهنجي تخت تي موٽائي آڻڻ ۾ سڀني کان پٺتي پئجي ويا آهيو؟ جڏهن تہ بادشاهہ تائين اها خبر پهچي ويئي آهي تہ سڄو بني اسرائيل چوي ٿو تہ بادشاهہ کي موٽائي پنهنجي تخت تي آڻجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 19:11
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري صدوق ۽ ابياتر خدا جي صندوق کڻي وري يروشلم ڏي ويا: ۽ هو اتي رهڻ لڳا.


تڏهن يوآب چيو تہ انهيءَ طرح آءٌ تو وٽ وڌيڪ ترسي نٿو سگهان. ۽ هن ٽي تير هٿ ۾ کڻي ابي سلوم جي دل مان لنگهائي وڌا، جڏهن اڃا هو جيئرو جاڳندو شاهہ بلوط جي وچ ۾ هو.


۽ ڏهہ جوان ماڻهو، جي يوآب جا زرهہ بردار هئا، سي ابي سلوم کي چوڌاري ڦري آيا، ۽ کيس ماري وڌائون.


۽ ابي سلوم جنهن کي اسان مسح ڪري پنهنجي مٿان مقرر ڪيو سو جنگ ۾ مري ويو آهي. تنهنڪري هاڻي ڇو اوهين بادشاهہ کي موٽي وٺي اچڻ جو ذڪر ئي نٿا ڪريو؟


۽ ڏس، اسرائيل جا سڀ ماڻهو بادشاهہ وٽ آيا ۽ بادشاهہ کي چيائون تہ ڇالاءِ اسان جا ڀائر يهوداہ جا ماڻهو توکي چورائي ويا آهن، ۽ بادشاهہ ۽ سندس گهراڻي کي، ۽ دائود جي سڀني ماڻهن کي انهيءَ سان گڏ وٺي ويا آهن؟


۽ بادشاهہ بناياہ بن يهويدع کي هن جي جاءِ تي لشڪر جي مٿان مقرر ڪيو: ۽ صدوق ڪاهن کي بادشاهہ ابياتر جي جاءِ تي رکيو.


ساڳيءَ طرح اوهان جي روشني بہ ماڻهن اڳيان چمڪي، تہ اهي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي، اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن جي وڏائي ڪن.


تنهنڪري اسين مسيح جي طرفان ايلچي آهيون، ڄڻ تہ اسان جي وسيلي خدا اوهان کي منٿ ٿو ڪري، ۽ اسين اوهان کي مسيح جي پاران نيزاري ٿا ڪريون، تہ خدا سان ميل ميلاپ ڪريو.


نہ انهي لاءِ، تہ اسان کي ڪو حق ڪونهي، پر انهي لاءِ تہ اسين اوهان جي لاءِ نمونو ٿيون، تہ اوهين بہ اسان جي پيروي ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ