Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 19:10 - Sindhi Bible

10 ۽ ابي سلوم جنهن کي اسان مسح ڪري پنهنجي مٿان مقرر ڪيو سو جنگ ۾ مري ويو آهي. تنهنڪري هاڻي ڇو اوهين بادشاهہ کي موٽي وٺي اچڻ جو ذڪر ئي نٿا ڪريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 جڏهن تہ ابي‌سلوم جنهن کي اسان مسح ڪري پنهنجي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيو، سو جنگ ۾ مري ويو آهي. تڏهن هاڻي اوهين دائود بادشاهہ کي موٽائي وٺي اچڻ جي ڳالهہ ڇو نہ ٿا ڪريو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 19:10
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود وٽ يروشلم ۾ جيڪي نوڪر هئا تن سڀني کي هن چيو تہ اُٿو تہ ڀڄي هلون؛ نہ تہ اسان مان ڪوبہ ابي سلوم کان نہ ڇُٽندو: جلدي ڪري نڪرو، متان هو تڪڙو ٿي اچي، اسان کي پهچي، ۽ اسان تي ڪا خرابي آڻي، ۽ ترار جي ڌار سان شهر کي ماري.


پوءِ بادشاهہ نڪتو، ۽ سندس سارو گهراڻو سندس پٺيان لڳو. ۽ بادشاهہ گهر جي سنڀال لاءِ ڏهہ زالون ڇڏيون جي سريتون هيون.


تڏهن يوآب چيو تہ انهيءَ طرح آءٌ تو وٽ وڌيڪ ترسي نٿو سگهان. ۽ هن ٽي تير هٿ ۾ کڻي ابي سلوم جي دل مان لنگهائي وڌا، جڏهن اڃا هو جيئرو جاڳندو شاهہ بلوط جي وچ ۾ هو.


۽ بادشاهہ دائود، صدوق ۽ ابياتر ڪاهنن کي سڏائي چيو، تہ يهوداہ جي بزرگن کي چئو تہ ڇو اوهين بادشاهہ کي پنهنجي گهر موٽائي آڻڻ ۾ سڀني کان پوءِ پيا آهيو؟ جڏهن ڏسو ٿا تہ سڀني اسرائيلين بادشاهہ کي موٽي پنهنجي گهر اچڻ لاءِ چيو آهي.


انهيءَ طرح بادشاهہ جلجال ڏي لنگهي ويو، ۽ ڪمهام ساڻس گڏ ويو: ۽ يهوداہ جي ساري قوم ۽ اسرائيل جي اڌ قوم بہ بادشاهہ کي لنگهائي وٺي آئي.


هاڻي سڀ اسرائيلي پنهنجن پنهنجن تنبن ڏي ڀڄي ويا هئا. ۽ اسرائيل جي سڀني فرقن ۾ تڪرار ٿي پيو، ۽ هو چوڻ لڳا تہ بادشاهہ اسان کي اسانجن دشمنن جي هٿان ڇڏايو آهي، ۽ اسان کي فلستين جي هٿان بچايو آهي؛ پر هاڻي هو ابي سلوم جي ڪري ملڪ مان ڀڄي ويو آهي.


هنن بادشاهہ مقرر ڪيا آهن، پر نہ منهنجي طرفان؛ هنن سردار بنايا آهن، ۽ مون کي انهي جي خبر ئي ڪانهي: هنن پنهنجي روپي، ۽ پنهنجي سون مان پنهنجي لاءِ بُت ٺاهيا آهن، انهي لاءِ تہ وڍجي وڃن.


تڏهن هنن چيو تہ اُٿو تہ هلي هنن جو مقابلو ڪريون: ڇالاءِ جو اسان زمين ڏٺي آهي، ۽ اُها تمام عمدي آهي: ۽ اوهين ماٺ ڪري ويٺا آهيو ڇا؟ هلي انهيءَ زمين کي هٿ ڪريو، ۽ منجهس رهو، ۽ سستي نہ ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ