1 ۽ يوآب کي چيو ويو تہ ڏس، بادشاهہ ابي سلوم جي لاءِ روئي ٿو ۽ ماتم ٿو ڪري.
1 يوآب کي ٻڌايو ويو تہ بادشاهہ ابيسلوم لاءِ روئي ٿو ۽ سوڳ ٿو ڪري.
۽ سندس سڀيئي پٽ ۽ ڌيون اٿي کيس دلاسو ڏيڻ لڳا، پر هن کي تسلي نٿي آئي؛ ۽ هو چوڻ لڳو تہ آءٌ ماتم ڪري ڪري پنهنجي پٽ جي پٺيان قبر ۾ ويندس. انهيءَ طرح يوسف جي لاءِ سندس پيءُ روئندو رهيو.
۽ انهيءَ ماڻهو يوآب کي چيو تہ مون کي کڻي هزار چانديءَ جا سڪا هٿ ۾ ملن ها تہ بہ آءٌ بادشاهہ جي پٽ تي پنهنجو هٿ نہ هلايان ها: ڇالاءِ جو اسان جي ٻڌندي بادشاهہ توکي، ۽ ابيشيءَ کي، ۽ اِتيءَ کي، تاڪيد ڪري چيو هو تہ خبردار رهجو متان انهيءَ جوان ماڻهوءَ ابي سلوم کي ڪوبہ هٿ لائي.
تڏهن يوآب چيو تہ انهيءَ طرح آءٌ تو وٽ وڌيڪ ترسي نٿو سگهان. ۽ هن ٽي تير هٿ ۾ کڻي ابي سلوم جي دل مان لنگهائي وڌا، جڏهن اڃا هو جيئرو جاڳندو شاهہ بلوط جي وچ ۾ هو.
۽ يوآب هن کي چيو تہ اڄ تون اها خبر نہ کڻي وڃ، پر ڪنهن ٻئي ڏينهن اها کڻي وڃجانءِ، اڄ هن ڪري خبر نہ کڻي وڃ جو بادشاهہ جو پٽ مري ويو آهي.
تڏهن بادشاهہ ڏاڍو بي آرام ٿيو، ۽ دروازي جي مٿان جا جاءِ هئي تنهن ۾ وڃي روئڻ لڳو: ۽ ويندي هيئن چوندو ويو تہ اي منهنجا پٽ ابي سلوم، منهنجا پٽ، منهنجا پٽ ابي سلوم، شل آءٌ تنهنجي بدران مران ها تہ چڱو هو، هاءِ ابي سلوم، منهنجا پٽ، منهنجا پٽ!
۽ بادشاهہ يوآب، ۽ ابيشيءَ، ۽ اِتيءَ کي حڪم ڏيئي چيو تہ منهنجي خاطر انهيءَ جوان ماڻهوءَ سان، يعني ابي سلوم سان مروت جي هلت ڪجو. ۽ ابي سلوم جي نسبت ۾ جڏهن بادشاهہ سڀني سردارن کي فهمائش ڏني، تڏهن سڀني ماڻهن ٻڌو.
۽ انهيءَ ڏينهن سڀني ماڻهن جي لاءِ فتح بدلجي ماتم ٿي پيئي: ڇالاءِ جو ماڻهن انهيءَ ڏينهن هيئن چوندي ٻڌو تہ بادشاهہ پنهنجي پٽ لاءِ غمگين آهي.
بي عقل پٽ پنهنجي پيءُ جي لاءِ ڏک آهي، ۽ جنهن ڄڻيو اٿس تنهنجي لاءِ ڪَڙاڻ آهي.
۽ آءٌ دائود جي گهراڻي، ۽ يروشلم جي رهاڪن تي، فضل ۽ دعا جو روح نازل ڪندس؛ ۽ هو انهيءَ تي جنهن کي هنن گهايل ڪيو، نگاهہ ڪندا: ۽ انهيءَ جي لاءِ ماتم ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي لاءِ ڪندو آهي، ۽ انهيءَ لاءِ سخت ڏک ڪندا، جيئن ڪو پهريتي لاءِ ڪندو آهي.