Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 18:9 - Sindhi Bible

9 ۽ اتفاق سان ابي سلوم دائود جي ماڻهن جي منهن پئجي ويو. ۽ ابي سلوم پنهنجي خچر تي چڙهيل هو، ۽ هڪڙي وڏي شاهہ بلوط جي وڻ جي ڏارن هيٺ وڃي نڪتو، ۽ سندس مٿو شاهہ بلوط ۾ ڦاسي پيو، ۽ هو آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ لٽڪي رهيو؛ ۽ خچر جيڪو سندس هيٺان هو، سو اڳتي هليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اتفاق سان ابي‌سلوم دائود جي ڪجھہ جوانن جي منهن پئجي ويو. هو هڪڙي خچر تي چڙهيل هو. اهو خچر جڏهن هڪڙي گھاٽي شاهہ‌بلوط وڻ جي ٽارين هيٺان لنگھيو تہ ابي‌سلوم جو مٿو انهيءَ وڻ ۾ ڦاسي پيو ۽ هو زمين کان مٿي لٽڪي پيو، جڏهن تہ سندس خچر هيٺان نڪري اڳتي هليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 18:9
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ابي سلوم جي نوڪرن امنون سان ائين ئي ڪيو، جيئن ابي سلوم حڪم ڏنو هون. تڏهن سڀيئي شهزادا اُٿيا، ۽ سڀڪو ماڻهو پنهنجي خچر تي چڙهي اُٿي ڀڳو،


۽ جڏهن هو پنهنجي مٿي جا وار ڪوڙائيندو هو (هاڻي سڀ ڪنهن سال جي پڇاڙيءَ ۾ هو مٿو ڪوڙائيندو هو: ڇالاءِ جو هن جا وار گهاٽا ۽ ڳرا هوندا هئا، تنهنڪري هو اهي ڪوڙائيندو هو:) ۽ هو پنهنجي مٿي جا وار توريندو هو تہ ٻہ سؤ شيڪل، بادشاهي وزن موجب، ٿيندا هئا.


۽ جڏهن اخيتفل ڏٺو تہ سندس صلاح تي نہ هليا آهن، تڏهن هن پنهنجي گڏهہ تي هنو رکيو، ۽ اُٿي پنهنجي شهر ڏي ويو، ۽ وڃي گهر پهتو، ۽ پنهنجي گهر جو بندوبست ڪري پاڻ کي ڦاسي ڏئي لڙڪائي ڇڏيائين؛ ۽ هو مري ويو، ۽ پنهنجي پيءُ جي قبر ۾ دفن ڪيو ويو.


۽ هڪڙي ماڻهوءَ ڏسي ورتس، ۽ انهيءَ وڃي يوآب کي ٻڌايو ۽ چيائينس تہ ڏس مون ابي سلوم کي هڪڙي شاهہ بلوط ۾ لٽڪندو ڏٺو آهي.


تڏهن يوآب چيو تہ انهيءَ طرح آءٌ تو وٽ وڌيڪ ترسي نٿو سگهان. ۽ هن ٽي تير هٿ ۾ کڻي ابي سلوم جي دل مان لنگهائي وڌا، جڏهن اڃا هو جيئرو جاڳندو شاهہ بلوط جي وچ ۾ هو.


ڇالاءِ جو سڄي ملڪ تي جنگ پکڙجي ويئي: ۽ انهيءَ ڏينهن ترار کان وڌيڪ ٻيلو ماڻهو ڳهي ويو.


اهو بدڪارن جي لاءِ آفت نہ آهي ڇا؟ ۽ گناهہ ڪندڙن جي لاءِ مصيبت ناهي ڇا؟


جيڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي لعنت ڪري ٿو تنهنجو ڏيئو سخت اونداهيءَ ۾ وسايو ويندو.


جا اک پنهنجي پيءُ تي ٺٺولي ڪري ٿي، ۽ پنهنجي ماءُ جي فرمانبرداري ڪرڻ کي پسند نٿي ڪري، تنهن کي واديءَ جا ڪانگ ٺونگا هڻي پٽي ويندا، ۽ ڳجهہ جا ٻچا کائي ويندا.


جيڪو ڊپ کان بچندو سو کڏ ۾ ڪِرندو: ۽ جيڪو کڏ مان نڪرندو سو ڦانڌي ۾ ڦاسي پوندو: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهي تي، يعني موآب تي، سندن سزا جو سال آڻيندس.


۽ هو اُهي روپيا هيڪل ۾ اُڇلائي هليو ويو، ۽ وڃي پاڻ کي ڦاسي ڏنائين.


ڇالاءِ جو موسيٰ فرمايو آهي تہ پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجي پيءُ جي عزت ڪريو، ۽ جيڪو پنهنجي ماءُ پيءُ جي گلا ڪري، سو اُڦٽ ماريو وڃي.


مسيح پاڻ اسان جي بدران لعنتي ٿي اسان کي شريعت جي لعنت کان ڇڏايو؛ ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“


تہ انهي جو لاشو سڄي رات وڻ تي لٽڪيل نہ رهي، پر تون انهي ڏينهن هن کي دفن ڪج؛ ڇالاءِ تہ جنهن کي ڦاسي ٿي ملي، سو خدا جي طرفان لعنتي آهي؛ تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن کي تون ناپاڪ نہ ڪرين.


جيڪو ماڻهو ماءُ پيءُ جي بيعزتي ڪري سو ملعون آهي، ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.


جيڪو ماڻهو پنهنجي پيءُ جي زال سان سمهي سو ملعون آهي، ڇالاءِ جو هن پنهنجي پيءُ جو ننگ کوليو آهي، ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ