Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 18:8 - Sindhi Bible

8 ڇالاءِ جو سڄي ملڪ تي جنگ پکڙجي ويئي: ۽ انهيءَ ڏينهن ترار کان وڌيڪ ٻيلو ماڻهو ڳهي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 جنگ سڄي پسگردائيءَ ۾ پکڙجي ويئي ۽ انهيءَ ڏينهن تلوار سان ايترا جوان قتل نہ ٿيا جيترا ٻيلي ۾ مري کپي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 18:8
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اتي اسرائيل جي ماڻهن دائود جي نوڪرن جي اڳيان شڪست کاڌي، ۽ انهيءَ ڏينهن تي اتي وڏو ڪوس ٿي گذريو، جو ويهہ هزار ماڻهو مئا.


۽ اتفاق سان ابي سلوم دائود جي ماڻهن جي منهن پئجي ويو. ۽ ابي سلوم پنهنجي خچر تي چڙهيل هو، ۽ هڪڙي وڏي شاهہ بلوط جي وڻ جي ڏارن هيٺ وڃي نڪتو، ۽ سندس مٿو شاهہ بلوط ۾ ڦاسي پيو، ۽ هو آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ لٽڪي رهيو؛ ۽ خچر جيڪو سندس هيٺان هو، سو اڳتي هليو ويو.


پر باقي جيڪي بچيا هئا سي افيق ڏي اُٿي ڀڳا، ۽ وڃي شهر ۾ لڪا؛ ۽ ستاويهہ هزار ماڻهو، جي باقي بچيا هئا، تن تي ڀِت ڪِري پيئي. ۽ بن هدد ڀڄي ويو ۽ شهر ۾ اچي هڪڙي اندرينءَ ڪوٺيءَ ۾ لڪو.


اي خداوند، اُٿ، اي منهنجا خدا مون کي بچاءِ؛ ڇالاءِ جو تو منهنجن سڀني دشمنن جي ڳلن تي لپاٽون هنيون آهن؛ ۽ بڇڙن جا ڏند ڀڃي ڇڏيا اٿيئي.


اي خدا منهنجو انصاف ڪر، ۽ بي دين قوم جي مقابلي ۾ منهنجي وڪالت ڪر: دغاباز ۽ بي انصاف ماڻهوءَ کان مون کي ڇڏاءِ.


تو پنهنجو واءُ لڳايو ۽ سمنڊ انهن کي ڍڪي ڇڏيو، هو زور واري پاڻيءَ ۾ شيهي وانگر ٻڏي ويا.


اي منهنجا پٽ، تون خداوند ۽ بادشاهہ کان ڊڄندو رهہ؛ ۽ جيڪي چنچل آهن تن سان ڪوبہ واسطو نہ رکو:


ڇالاءِ جو انهن جي آفت اوچتو اُٿندي؛ ۽ انهن ٻنهي جي ناس ٿيڻ جي ڪنهن کي خبر آهي؟


۽ هيئن ٿيو جو جيئن هو اسرائيل جي اڳيان ڀڄندا ويا، ۽ بيت حورون ڏي لهندا ويا، تيئن عزيقاہ تائين خداوند هنن جي مٿان آسمان مان وڏا وڏا پٿر وسايا، جنهنڪري هو مري ويا: جن کي بني اسرائيل ترار سان قتل ڪيو، تن کان وڌيڪ ڳڙن جي سبب مئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ