Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 18:7 - Sindhi Bible

7 ۽ اتي اسرائيل جي ماڻهن دائود جي نوڪرن جي اڳيان شڪست کاڌي، ۽ انهيءَ ڏينهن تي اتي وڏو ڪوس ٿي گذريو، جو ويهہ هزار ماڻهو مئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 اتي بني اسرائيل جي انهن جوانن دائود جي لشڪر کان شڪست کاڌي. انهيءَ ڏينهن اتي وڏي خونريزي ٿي، جنهن ۾ ويهہ هزار ماڻهو قتل ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 18:7
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ طرح جيڪي بہ اسرائيلي بادشاهہ وٽ عدالت جي لاءِ ايندا هئا تن سان ابي سلوم ائين هلندو هو: انهيءَ طرح ابي سلوم اسرائيل جي ماڻهن جون دليون چورايون.


پوءِ ماڻهو اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ نڪري ميدان تي ويا: ۽ افرائيم جي ٻيلي ۾ جنگ لڳي.


ڇالاءِ جو سڄي ملڪ تي جنگ پکڙجي ويئي: ۽ انهيءَ ڏينهن ترار کان وڌيڪ ٻيلو ماڻهو ڳهي ويو.


۽ انهيءَ ڏينهن جنگ ڏاڍي سخت لڳي؛ ۽ ابنير ۽ اسرائيل جي ماڻهن، دائود جي نوڪرن جي اڳيان شڪست کاڌي.


تڏهن ابنير يوآب کي سڏي چيو تہ ترار هميشہ پئي کائيندي ڇا؟ تون ايترو نٿو ڄاڻين تہ پڇاڙيءَ ۾ ڪَڙائي پيدا ٿيندي؟ تڏهن ڪيستائين تون ماڻهن کي منع نہ ڪندين تہ هو پنهنجن ڀائرن جي پٺيان نہ پون؟


پر دائود جي نوڪرن بنيمين ۽ ابنير جي ماڻهن مان ٽي سؤ سٺ ماڻهو ماريا.


۽ فقحہ بن رملياہ يهوداہ ۾ هڪ لک ويهہ هزار ماڻهو هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ڪُٺا، جي سڀ بهادر مرد هئا، ڇالاءِ جو انهن خداوند پنهنجي ابن جي خدا کي ڇڏي ڏنو هو.


اُهو ئي آهي جو بادشاهن کي نجات ٿو ڏئي: هو پنهنجي بندي دائود کي ڏکوئيندڙ ترار کان بچائي ٿو.


جيتوڻيڪ هٿ هٿ سان گڏبو تہ بہ خراب ماڻهو بي سزا رهجي نہ ويندو: پر سچي جو اولاد بچايو ويندو.


اي منهنجا پٽ، تون خداوند ۽ بادشاهہ کان ڊڄندو رهہ؛ ۽ جيڪي چنچل آهن تن سان ڪوبہ واسطو نہ رکو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ