Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 18:5 - Sindhi Bible

5 ۽ بادشاهہ يوآب، ۽ ابيشيءَ، ۽ اِتيءَ کي حڪم ڏيئي چيو تہ منهنجي خاطر انهيءَ جوان ماڻهوءَ سان، يعني ابي سلوم سان مروت جي هلت ڪجو. ۽ ابي سلوم جي نسبت ۾ جڏهن بادشاهہ سڀني سردارن کي فهمائش ڏني، تڏهن سڀني ماڻهن ٻڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 پوءِ بادشاهہ يوآب، ابي‌شي ۽ اِتيءَ کي حڪم ڏيئي چيو تہ ”منهنجي خاطر انهيءَ جوان ماڻهوءَ ابي‌سلوم سان نرميءَ وارو سلوڪ ڪجو.“ ابي‌سلوم جي باري ۾ سالارن کي ڏنل بادشاهہ جو اهو حڪم سڀني جنگي جوانن ٻڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 18:5
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود ابيشيءَ کي ۽ پنهنجن سڀني نوڪرن کي چيو تہ ڏس، منهنجو پٽ جو منهنجن آنڊن مان نڪتو آهي، سو منهنجي مارڻ جي پٺيان آهي: تڏهن هاڻي هي بنيميني ڪيترو نہ وڌيڪ ائين ڪري ٿو سگهي؟ ڇڏي ڏيوس تہ ڀلي پيو لعنت وجهي؛ ڇالاءِ جو خداوند هن کي حڪم ڏنو آهي.


تڏهن ابي سلوم ۽ اسرائيل جي سڀني ماڻهن چيو تہ حوسي ارڪي جي صلاح اخيتفل جي صلاح کان بهتر آهي. ڇالاءِ جو خداوند اهو ارادو ڪيو هو تہ اخيتفل جي چڱي صلاح بہ اجائي ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ هو ابي سلوم تي خرابي آڻي.


۽ انهيءَ ماڻهو يوآب کي چيو تہ مون کي کڻي هزار چانديءَ جا سڪا هٿ ۾ ملن ها تہ بہ آءٌ بادشاهہ جي پٽ تي پنهنجو هٿ نہ هلايان ها: ڇالاءِ جو اسان جي ٻڌندي بادشاهہ توکي، ۽ ابيشيءَ کي، ۽ اِتيءَ کي، تاڪيد ڪري چيو هو تہ خبردار رهجو متان انهيءَ جوان ماڻهوءَ ابي سلوم کي ڪوبہ هٿ لائي.


۽ يوآب کي چيو ويو تہ ڏس، بادشاهہ ابي سلوم جي لاءِ روئي ٿو ۽ ماتم ٿو ڪري.


جيئن پيءُ پنهنجي ٻارن تي ڪهل ٿو ڪري، تيئن خداوند انهن تي ڪهل ٿو ڪري جي کانئس ڊڄن ٿا.


پوءِ يسوع چيو، تہ اي بابا، هنن کي معاف ڪر، ڇالاءِ جو خبر ئي ڪانہ ٿي پوينِ تہ ڇا ٿا ڪريون. ۽ هو سندس ڪپڙا ورهائي پُکا وجهڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ