Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 18:29 - Sindhi Bible

29 تڏهن بادشاهہ چيو تہ اُهو جوان ماڻهو ابي سلوم تہ سلامت آهي؟ ۽ اخيمعض ورندي ڏني تہ جڏهن يوآب بادشاهہ جي ٻانهي کي، يعني مون تنهنجي ٻانهي کي روانو ڪيو، تڏهن مون هڪڙو وڏو گوڙ ڏٺو، پر مون کي خبر نہ پيئي تہ ڇا جو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 تنهن تي بادشاهہ پڇيس تہ ”اهو جوان ابي‌سلوم تہ سلامت آهي نہ؟“ اخيمعض ورندي ڏنس تہ ”جڏهن يوآب اوهان جي هن ٻانهي کي روانو ڪيو، تڏهن مون هڪڙو وڏو گوڙ شور ڏٺو، پر مون کي خبر نہ پيئي تہ ڇا ٿيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 18:29
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن صدوق جي پٽ اخيمعض وري بہ يوآب کي چيو تہ ڪجهہ بہ ٿي پوي تہ بہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ آءٌ بہ انهيءَ ڪوشيءَ جي پٺيان ڊوڙي وڃان. ۽ يوآب چيو تہ اي منهنجا پٽ جڏهن تون ڏسين ٿو، تہ انهيءَ خبر ڏيڻ لاءِ توکي ڪوبہ انعام نہ ملندو تڏهن ڇو ٿو وڃين؟


۽ بادشاهہ چيو تہ پاسي ٿي هيڏي بيهي رهہ. ۽ هو ماٺ ڪري پاسي تي بيهي رهيو.


۽ بادشاهہ ڪوشيءَ کي چيو تہ جوان ماڻهو ابي سلوم سان تہ خير آهي؟ ۽ ڪوشيءَ ورندي ڏني تہ منهنجي ڌڻي بادشاهہ جا دشمن، ۽ جي توکي ايذاءُ رسائڻ لاءِ تنهنجي برخلاف کڙا ٿين، تن جو شل اهڙو حال ٿئي جهڙو انهي جوان ماڻهو جو ٿيو آهي.


۽ يوآب سڄي هٿ سان عماسا جي ڏاڙهي ورتي، انهي لاءِ تہ هن کي چُمي ڏي.


ڀلائي ڪري ڊوڙي وڃي گڏجينس ۽ چئينس تہ تون خوش چڱي ڀلي تہ آهين؟ تنهنجو مڙس تہ چڱو ڀلو آهي؟ تنهنجو پٽ تہ چڱو ڀلو آهي؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ خير آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ