Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 18:28 - Sindhi Bible

28 ۽ اخيمعض وڏي سڏ بادشاهہ کي چيو تہ ٻيو سڀ خير آهي. ۽ هن منهن زمين تي رکي بادشاهہ جي اڳيان سجدو ڪيو، ۽ چوڻ لڳو تہ خداوند تنهنجو خدا برڪت وارو هجي، جو جن ماڻهن منهنجي ڌڻي بادشاهہ تي پنهنجو هٿ کنيو تن کي هن اسان جي حوالي ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 تڏهن اخيمعض رڙ ڪري بادشاهہ کي چيو تہ ”بادشاهہ سلامت رهو.“ پوءِ زمين تي منهن رکي بادشاهہ کي تعظيم ڏنائين ۽ چوڻ لڳو تہ ”واکاڻ هجي خداوند خدا جي جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن اسان کي انهن ماڻهن تي فتح بخشي جن منهنجي آقا بادشاهہ سان بغاوت ڪئي هئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 18:28
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڳورو آهي خدا تعاليٰ جنهن تنهنجي دشمنن کي تنهنجي قبضي ۾ ڏنو. تڏهن ابرام هن کي سڀ مال مان ڏهون حصو ڏنو.


۽ چيائين تہ سڳورو آهي خداوند، منهنجي مالڪ ابرهام جو خدا، جنهن پنهنجي رحم ۽ راستيءَ کان منهنجي مالڪ ابرهام کي وانجهي نہ رکيو آهي: ۽ خداوند منهنجي رهبري ڪري مون کي منهنجي مالڪ جي ڀائرن ۾ آندو آهي.


۽ ٽئين ڏينهن هڪڙو ماڻهو سائول جي لشڪرگاهہ مان ڦاٽل ڪپڙن سان مٽي مٿي تي وجهي اُتي آيو: ۽ جڏهن هو دائود وٽ پهتو تڏهن زمين تي ڪري هن کي سجدو ڪيائين.


۽ جڏهن انهيءَ تقوع واري زال بادشاهہ سان وڃي ڳالهايو، تڏهن هوءَ سندس اڳيان زمين تي منهن ڀر ڪري پئي، ۽ تعظيم ڪري چوڻ لڳي تہ اي بادشاهہ، واهر ڪر.


پاڪ ماڻهن سان تون پاڻ کي پاڪ ڏيکاريندين؛ ۽ ڏنگن ماڻهن سان تون پاڻ کي ڏنگو ڏيکاريندين.


۽ چوٿين ڏينهن هو براڪاهہ جي واديءَ ۾ اچي گڏ ٿيا؛ ڇالاءِ جو اُتي هنن خداوند کي دعا ڏني: تنهنڪري انهيءَ هنڌ جو نالو اڄ تائين براڪاهہ جي وادي آهي.


اسان کي نہ، اي خداوند، اسان کي نہ، پر تون پنهنجي نالي کي جلال ڏي، پنهنجي رحم ۽ پنهنجي سچائيءَ جي خاطر.


شل خداوند مبارڪ هجي، جنهن اسان کي انهن جي ڏندن جو شڪار ٿيڻ نہ ڏنو.


تو مون کي دشمن جي هٿ ۾ قيدي نہ ڇڏيو آهي؛ تو منهنجا پير ڪشاديءَ جاءِ تي رکيا آهن.


۽ يتروءَ چيو تہ خداوند مبارڪ آهي، جنهن اوهان کي مصرين جي ۽ فرعون جي هٿان ڇڏايو.


اڄوڪي ڏينهن خداوند توکي منهنجي حوالي ڪندو؛ ۽ آءٌ توکي ماري، تنهنجي سسي ڌڙ کان ڌار ڪندس؛ ۽ اڄوڪي ڏينهن آءٌ فلستين جي لشڪر جا لاشا هوا جي پکين کي، ۽ زمين جي جهنگلي جانورن کي ڏيندس؛ انهي لاءِ تہ جهان کي خبر پوي تہ اسرائيل ۾ هڪڙو خدا آهي:


۽ تو اڄ ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي تہ ڪيئن تو مون سان چڱو سلوڪ ڪيو آهي، ڇالاءِ جو جڏهن خداوند مون کي تنهنجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، تڏهن تو مون کي ماري نہ وڌو.


۽ جڏهن ابيجيل دائود کي ڏٺو تڏهن جهٽ ڪري گڏهہ تان لهي اچي دائود جي اڳيان منهن ڀر ڪري ۽ سجدو ڪرڻ لڳي.


تڏهن ابيشيءَ دائود کي چيو تہ خدا اڄ تنهنجو دشمن تنهنجي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو آهي، تنهنڪري هاڻي ڀلائي ڪري مون کي ڇڏ تہ آءٌ هن کي نيزي جي هڪڙي ئي ڌڪ سان ماري زمين ۾ ونڌي وجهان، ۽ ٻيو ڀيرو ڌڪ نہ هڻندوسانس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ