Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 18:27 - Sindhi Bible

27 ۽ پهري واري چيو تہ منهنجي خيال ۾ جيڪو اڳي ڊوڙندو اچي سو صدوق جي پٽ اخيمعض جهڙو ٿو ڊوڙي، ۽ بادشاهہ چيو تہ اهو چڱو ماڻهو آهي، ۽ چڱي خبر ٿو آڻي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 پهريدار چيو تہ ”منهنجي خيال ۾ جيڪو اڳ ۾ ڊوڙندو پيو اچي سو صدوق جي پٽ اخيمعض وانگر پيو لڳي.“ بادشاهہ چيو تہ ”هو چڱو ماڻهو آهي، سو ضرور ڪا چڱي خبر پيو آڻي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 18:27
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ پهري واري ٻئي ماڻهو کي بہ ڊوڙندو ايندو ڏٺو: ۽ پهري واري دربان کي سڏي چيو تہ ڏس ٻيو ماڻهو بہ اڪيلو ڊوڙندو اچي. تڏهن بادشاهہ چيو تہ هو بہ خبر ٿو آڻي.


اڃا هن ايترو ڳالهايو تہ ڏسي تہ يونتن بن ابياتر ڪاهن اچي نڪتو: ۽ ادونياہ چيس تہ لنگهي اچ؛ ڇالاءِ جو تون لائق ماڻهو آهين، ۽ خوشخبري ٿو آڻين.


۽ پهري واري اچي چيو تہ هو بہ هنن وٽ آيو، پر وري نٿو موٽي: ۽ اها سواري ياهو بن نمسيءَ جي سواريءَ جهڙي آهي؛ ڇالاءِ جو هو ڏاڍي جوش سان هڪليندو آهي.


جيئن لاباري جي موسم ۾ برف جي سردي، تيئن ايماندار قاصد انهن جي لاءِ جي اُن کي موڪلين ٿا، ڇالاءِ جو هو پنهنجن مالڪن جي روح کي تازو توانو ٿو ڪري.


جيئن ٿڌو پاڻي اُڃايل جان جي لاءِ، تيئن اها خوشخبري جا پرانهين ملڪ کان اچي.


انهيءَ جا قدم جبل تي ڪهڙا نہ مبارڪ آهن، جيڪو خوشخبري ٿو آڻي، ۽ جيڪو سلامتيءَ جي پڌرائي ٿو ڪري؛ جيڪو ڀلائيءَ جي خوشخبري ۽ نجات جي پڌرائي ٿو ڪري؛ جيڪو صيون کي چوي ٿو تہ تنهنجو خدا بادشاهي ٿو ڪري.


۽ جيسين هو موڪليا نہ وڃن، تيسين ڪيئن منادي ڪندا؟ جيئن لکيل آهي تہ، ”جيڪي چڱين ڳالهين جي خوشخبري ٿا آڻين، تن جا قدم ڪهڙا نہ مبارڪ آهن!“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ