Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 18:22 - Sindhi Bible

22 تڏهن صدوق جي پٽ اخيمعض وري بہ يوآب کي چيو تہ ڪجهہ بہ ٿي پوي تہ بہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ آءٌ بہ انهيءَ ڪوشيءَ جي پٺيان ڊوڙي وڃان. ۽ يوآب چيو تہ اي منهنجا پٽ جڏهن تون ڏسين ٿو، تہ انهيءَ خبر ڏيڻ لاءِ توکي ڪوبہ انعام نہ ملندو تڏهن ڇو ٿو وڃين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 تنهن تي صدوق جي پٽ اخيمعض وري بہ يوآب کي چيو تہ ”ڇا بہ ٿي پوي، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ آءٌ بہ سوڊانيءَ جي پٺيان ڊوڙي وڃان.“ يوآب پڇيس تہ ”اي منهنجا پٽ! جڏهن تہ تون ڄاڻين ٿو تہ انهيءَ خبر جي عيوض تو کي ڪوبہ انعام نہ ملندو، تڏهن تون ڇو ٿو وڃڻ چاهين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 18:22
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يوآب ڪوشيءَ کي چيو تہ جيڪي تو ڏٺو آهي سو وڃي بادشاهہ کي ٻڌاءِ. ۽ ڪوشي يوآب کي سجدو ڪري اُٿي ڀڳو.


پر هن چيو تہ ڪجهہ بہ ٿي پوي تہ بہ آءٌ ويندس. ۽ هن چيس تہ ڊوڙي وڃ. تڏهن اخيمعض ميدان وارو رستو ڏئي اُٿي ڀڳو ۽ انهيءَ ڪوشيءَ کان اڳي نڪري ويو.


تڏهن بادشاهہ چيو تہ اُهو جوان ماڻهو ابي سلوم تہ سلامت آهي؟ ۽ اخيمعض ورندي ڏني تہ جڏهن يوآب بادشاهہ جي ٻانهي کي، يعني مون تنهنجي ٻانهي کي روانو ڪيو، تڏهن مون هڪڙو وڏو گوڙ ڏٺو، پر مون کي خبر نہ پيئي تہ ڇا جو هو.


تڏهن فرعون هن کي چيو تہ مون وٽ تنهنجي لاءِ ڪهڙي شيءِ جي گهٽتائي ٿي آهي جو ڏس، تون پنهنجي ملڪ ڏي وڃڻ ٿو گهرين؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ ڪنهن شيءِ جي بہ نہ: انهيءَ هوندي بہ ڪنهن طرح مون کي موڪل ڏي.


۽ جهڙيءَ طرح هنن خدا کي سڃاڻڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح خدا بہ کين ناپسند خيالن ۾ ڇڏي ڏنو تہ نالائقيءَ جا ڪم ڪندا وتن؛


بي شرمي، اجائي بَڪ بَڪ، يا چرچي بازي، جي نالائقي جهڙيون ڳالهيون آهن، اوهان ۾ نہ هئڻ کپن، پر اُٽلو شڪرگذاري ڪرڻ کپي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ