Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 18:2 - Sindhi Bible

2 ۽ دائود ٽئين حصي جيترا ماڻهو، يوآب جي هٿ هيٺ، ۽ ٽئين حصي جيترا، يوآب جي ڀاءُ ضروياہ جي پٽ ابيشيءَ جي هٿ هيٺ، ۽ ٽئين حصي جيترا جاتي اِتيءَ جي هٿ هيٺ اڳي موڪلي ڏنا. ۽ بادشاهہ ماڻهن کي چيو تہ آءٌ پاڻ بہ اوهان سان ضرور هلندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 پوءِ دائود انهن کي ٽن ٽولن ۾ روانو ڪيو. هن هڪڙو ٽولو يوآب جي هٿ هيٺ، ٻيو ٽولو يوآب جي ڀاءُ ابي‌شيءَ جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تنهن جي هٿ هيٺ ۽ ٽيون ٽولو اِتي نالي هڪڙي جاتيءَ جي هٿ هيٺ روانو ڪري ڇڏيو. بادشاهہ جوانن کي چيو تہ ”آءٌ پاڻ بہ اوهان سان گڏ هلندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 18:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر منهنجي صلاح آهي تہ سڀ اسرائيلي دان کان وٺي بيرسبع تائين، جي سمنڊ جي واريءَ جيترا بيشمار آهن، تن کي گڏ ڪر: ۽ تون پاڻ پنهنجي سر وڃي جنگ ڪر.


پر ابيشي بن ضروياہ هن جي مدد ڪئي، ۽ انهيءَ فلستيءَ کي شڪست ڏيئي ڪُٺائين، تنهن کان پوءِ دائود جي ماڻهن کيس قسم ڏيئي چيو تہ اڳتي تون اسان سان جنگ تي نہ هلندين متان اسرائيل جو ڏيئو اُجهائي ڇڏين.


۽ انهن ٽنهي مان مکيہ ابيشي يوآب جو ڀاءُ، ضروياہ جو پٽ هو. ۽ انهيءَ پنهنجو نيزو کڻي ٽن سوَن ماڻهن تي ڪاهہ ڪئي، ۽ انهن کي ڪُٺائين، ۽ انهن ٽن مان نالي وارو ٿيو.


۽ يوآب بن ضروياہ لشڪر جو سردار هو؛ ۽ يهوسفط بن اخيلود دفتردار هو:


۽ اها خبر يوآب کي پهتي: جيتوڻيڪ يوآب ابي سلوم جي پٺيان نہ ويو، پر ادونياہ جي پٺيان لڳي ويو هو. ۽ يوآب خداوند جي تنبوءَ ۾ ڀڄي ويو، ۽ وڃي قربانگاهہ جا سڱ جهلي بيٺو.


لکين ماڻهو، جن منهنجي برخلاف گهيرو ڪيو آهي، تن کان آءٌ ڪين ڊڄندس.


۽ هن اُهي ٽي سؤ ماڻهو ٽن ٽولين ۾ ورهايا، ۽ انهن سڀني جي هٿن ۾ قرنائون، ۽ خالي دلا ڏنائين، ۽ انهن دلن ۾ مشعلون هيون.


انهيءَ طرح جدعون ۽ اُهي ٽي سؤ ماڻهو جي ساڻس هئا سي وچين پهر جي شروع ۾، جڏهن اڃا پهري وارا تازا بيٺا هئا، تڏهن منزلگاهہ جي ٻاهرين ڀاڱي ۾ آيا: ۽ قرنائون وڄايائون، ۽ جيڪي دلا هٿن ۾ هئن سي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون.


۽ هن ماڻهن کي ٽن ٽولين ۾ ورهايو، ۽ ٻنيءَ ۾ لڪي ويهي رهيو؛ ۽ جڏهن ڏٺائين تہ ماڻهو شهر مان نڪري پيا اچن، تڏهن هو اُٿي انهن جي سامهون ٿيو، ۽ انهن کي ماريائين.


۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ سائول ماڻهن جون ٽي ٽوليون ڪيون؛ ۽ اُهي رات جي پوئين پهر ۾ لشڪرگاهہ جي وچ ۾ اچي پيون، ۽ جيسين ڏينهن گرم ٿيو تيسين عمونين کي پئي ماريائون: ۽ هيئن ٿيو تہ جيڪي باقي بچيا سي ٽڙي پکڙي ويا، ايتري قدر جو انهن مان ٻہ بہ گڏ رهجي نہ ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ