Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 18:18 - Sindhi Bible

18 هاڻي ابي سلوم پنهنجي جيئري هڪڙو ٿنڀ، جو بادشاهہ جي واديءَ ۾ آهي، پنهنجي لاءِ کڙو ڪيو هو: ڇالاءِ جو هن چيو تہ مون کي ڪو پٽ ڪونهي جو منهنجي نالي جي يادگيري قائم رکي: ۽ انهيءَ ٿنڀ تي هن پنهنجو نالو رکيو: ۽ اُهو اڄ ڏينهن تائين ابي سلوم جي يادگار سڏبو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 ابي‌سلوم پنهنجي جيئري ئي بادشاهن جي ماٿريءَ ۾ پنهنجي لاءِ هڪڙو ٿنڀو اڏيو هو، ڇاڪاڻ تہ هن سوچيو ٿي تہ ”مون کي ڪو پٽ ڪونهي جيڪو منهنجي نالي جي يادگيري قائم رکي.“ سو هن انهيءَ ٿنڀي تي پنهنجو نالو رکيو هو. اهو ٿنڀو اڄ ڏينهن تائين ابي‌سلوم جي يادگار سڏبو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 18:18
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن چيو تہ اچو تہ پنهنجي لاءِ هڪڙو شهر ۽ هڪڙو ٺلهہ جوڙيون، جنهن جي چوٽي آسمان تائين وڃي پهچي ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجو نالو قائم ڪريون؛ متان پوءِ اسين ساريءَ زمين تي پري پري پکڙجي وڃون.


تنهنڪري انهيءَ شهر جو نالو بابل پئجي ويو؛ ڇالاءِ جو اتي خداوند ساري زمين جي ٻولي منجهائي ڇڏي: ۽ اتان خداوند انهن کي ساري زمين تي پکيڙي ڇڏيو.


۽ جڏهن هو ڪدرلاعمر ۽ ٻيا جيڪي بادشاهہ ساڻس هئا، تن کي ماري موٽيو، تڏهن صدوم جو بادشاهہ، سويءَ جي ماٿريءَ، يعني بادشاهي ماٿريءَ تائين، سندس استقبال لاءِ آيو.


۽ ابي سلوم کي ٽي پٽ ۽ هڪڙي ڌيءَ هئي، جنهن جو نالو تمر هو: ۽ هوءَ خوبصورت زال هئي.


شل انهيءَ جو نسل تباهہ ٿي وڃي؛ ۽ سندس نالو ٻيءَ پيڙهيءَ ۾ ميٽجي وڃي.


اهي پنهنجيءَ دل ۾ سمجهن ٿا تہ اسان جا گهر سٺا ۽ جٽاءُ ڪندا، ۽ اسان جي رهڻ جون ماڙيون پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ قائم رهنديون: اهي پنهنجين زمينن تي پنهنجا نالا ٿا رکن.


تون هتي ڇا ٿو ڪرين؟ ۽ تو وٽ هتي ڪير آهي جو تو پنهنجي لاءِ ٽڪي قبر ٺاهي آهي؟ تون جو مٿانهينءَ تي پنهنجي لاءِ قبر ٿو ٽڪين، ۽ ٽڪريءَ تي پنهنجي لاءِ رهڻ جي جاءِ ٿو کوٽين!


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين هن ماڻهوءَ کي بي اولاد ڪري لکو، اهڙو ماڻهو جو پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ سکيو نہ رهندو: ڇالاءِ جو ڪوبہ ماڻهو سندس نسل مان اهڙو اقبال وارو نہ ٿيندو جو دائود جي تخت تي ويهي، ۽ وري اڳتي يهوداہ ۾ بادشاهي ڪري.


تڏهن بادشاهہ چيو، تہ هي اُهو وڏو بابل ناهي ڇا، جو مون بادشاهہ جي رهڻ لاءِ پنهنجي اختياريءَ جي طاقت سان، ۽ پنهنجي وڏائيءَ جي شان ۽ شوڪت سان جوڙايو آهي؟


۽ نوبح جي گهراڻي وارن، قنات ۽ انهي جي آس پاس وارا ڳوٺ وڃي هٿ ڪيا، ۽ انهي کي پنهنجي نالي جي پٺيان نوبح سڏيائون.


۽ سموئيل سوير اُٿيو تہ صبح جو سائول کي گڏجي؛ ۽ سموئيل کي خبر ملي تہ سائول ڪرمل ۾ آيو آهي، ۽ هن پنهنجي لاءِ هڪڙو يادگار کڙو ڪيو آهي، ۽ گشت ڪري جلجال ڏانهن لنگهي ويو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ