Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 17:9 - Sindhi Bible

9 ڏس، هينئر هو ڪنهن غار ۾، يا ڪنهن ٻئي هنڌ لڪل هوندو: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن انهن مان ڪي پهرين مارجي ويندا، تڏهن جيڪو اها ڳالهہ ٻڌندو سو چوندو تہ ابي سلوم جي پٺيان جيڪي ماڻهو آهن تن ۾ ڪوس پيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 هن وقت بہ هو ڪنهن غار ۾ يا ڪنهن ٻئي هنڌ لڪل هوندو. پوءِ جڏهن دائود جي پهرئين ئي حملي ۾ اوهان جا ڪي ماڻهو مارجي ويندا، تہ جيڪو اها ڳالهہ ٻڌندو سو چوندو تہ ’ابي‌سلوم جي پوئلڳن جي خونريزي ٿي رهي آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 17:9
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪو بهادر آهي ۽ جنهن جي دل شينهن جي دل جهڙي آهي، سو بہ بلڪل پگهرجي پاڻي ٿي ويندو، ڇالاءِ جو ساري اسرائيل کي خبر آهي تہ تنهنجو پيءُ طاقت وارو ماڻهو آهي، ۽ جيڪي ساڻس آهن سي بهادر ماڻهو آهن.


۽ حوسيءَ هيترو بہ وڌيڪ چيو تہ تون پنهنجي پيءُ ۽ سندس ماڻهن کي سڃاڻين ٿو تہ زور ڀريا ماڻهو آهن، ۽ اهي دل ۾ اهڙا چڙيل آهن جهڙي ڪا رڇڻ جهنگ ۾ هجي، جنهن جا ٻچا چورائجي ويا هجن: ۽ تنهنجو پيءُ جنگي مرد آهي، ۽ ماڻهن سان نہ رهندو.


هاڻي اُها کڏ جنهن ۾ اسماعيل اُنهن ماڻهن جا لاش اُڇلايا هئا جن کي جدلياہ سان گڏ ڪُٺو هئائين، (يعني اُها ساڳي کڏ جا آسا بادشاهہ اسرائيل جي بادشاهہ بعشا جي ڊپ کان کوٽائي هئي،) تنهن کي اسماعيل بن نتنياہ انهن ڪُٺلن جي لاشن سان ڀري ڇڏيو.


۽ عئي جي ماڻهن هنن منجهان اٽڪل ڇٽيهہ ماڻهو ماري وڌا: ڇالاءِ جو هو شهر جي دروازي کان وٺي شبريم تائين انهن جي پٺيان پيا، ۽ هيٺ لهندي انهن کي ماريائون: انهي ڪري ماڻهن جون دليون پگهرجي پاڻي پاڻي ٿي ويون.


۽ هو اسان جي پٺيان نڪري ايندا، ۽ اسين شهر کان پري نڪري وينداسين؛ ڇو جو هو چوندا تہ هي اڳي وانگر اسان جي اڳيان ڀڄن ٿا: ائين اسين هنن جي اڳيان ڀڄنداسين:


تنهنڪري دائود اتان روانو ٿيو ۽ عدلام جي غار ڏي ڀڄي ويو: ۽ جڏهن هن جي ڀائرن ۽ سندس پيءُ جي سڄي گهراڻي اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اُهي اُتي وٽس آيا.


ڀلائي ڪري وڃو ۽ وڃي زيادہ پڪ ڪريو، ۽ جتي هو اڪثر رهي ٿو، اُهو هنڌ ڏسو، ۽ خبر رکو تہ ڪنهن هن کي اُتي ڏٺو آهي: ڇالاءِ جو مون کي ٻڌايو اٿن تہ هو ڏاڍي پڪائي سان ٿو هلي.


۽ رستي ۾ رڍن جي واڙن ۾ آيو، جتي هڪڙو غار هو؛ ۽ سائول پنهنجن پيرن ڍڪڻ لاءِ اُنهي ۾ گهڙي ويو. هاڻي دائود ۽ سندس ماڻهو انهي غار جي اندرين حصي ۾ رهيا پيا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ