Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 17:8 - Sindhi Bible

8 ۽ حوسيءَ هيترو بہ وڌيڪ چيو تہ تون پنهنجي پيءُ ۽ سندس ماڻهن کي سڃاڻين ٿو تہ زور ڀريا ماڻهو آهن، ۽ اهي دل ۾ اهڙا چڙيل آهن جهڙي ڪا رڇڻ جهنگ ۾ هجي، جنهن جا ٻچا چورائجي ويا هجن: ۽ تنهنجو پيءُ جنگي مرد آهي، ۽ ماڻهن سان نہ رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 حوسيءَ وڌيڪ چيس تہ ”اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان جو پيءُ ۽ سندس ماڻهو وڏا بهادر آهن. هن وقت اهي اهڙا تہ غضبناڪ ٿي ويا آهن جهڙي ڪا جھنگلي رڇڻ هجي، جنهن جا ٻچا چورائجي ويا هجن. جيئن تہ اوهان جو پيءُ تجربيڪار جنگي مرد آهي، سو هو رات جو ماڻهن سان گڏ نہ ٿو رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 17:8
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سندس سڀ نوڪر سندس پاسي کان اچي لنگهيا؛ ۽ سڀ ڪريتي، ۽ سڀ فليتي، ۽ سڀ جاتي، جي ڇهہ سؤ ماڻهو هئا ۽ جات مان سندس پٺيان آيا هئا، سي بادشاهہ جي اڳيان لنگهيا.


ڏس، هينئر هو ڪنهن غار ۾، يا ڪنهن ٻئي هنڌ لڪل هوندو: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن انهن مان ڪي پهرين مارجي ويندا، تڏهن جيڪو اها ڳالهہ ٻڌندو سو چوندو تہ ابي سلوم جي پٺيان جيڪي ماڻهو آهن تن ۾ ڪوس پيو آهي.


۽ اهي ٽي پهلوان فلستين جي لشڪر مان زور سان لنگهي دروازي جي پاسي واري بيت الحم جي کوهہ مان پاڻي ڪڍي دائود وٽ کڻي آيا: پر اهو هن پيئڻ نہ گهريو، پر خداوند جي اڳيان هاري ڇڏيائين.


۽ انهن ٽنهي مان مکيہ ابيشي يوآب جو ڀاءُ، ضروياہ جو پٽ هو. ۽ انهيءَ پنهنجو نيزو کڻي ٽن سوَن ماڻهن تي ڪاهہ ڪئي، ۽ انهن کي ڪُٺائين، ۽ انهن ٽن مان نالي وارو ٿيو.


۽ هن پٺتي منهن ورائي اُنهن کي ڏٺو، ۽ خداوند جي نالي سان پٽيائين. ۽ اوچتو ٻيلي مان ٻہ رڇڻيون نڪري آيون ۽ اُنهن مان ٻائيتاليهن ٻارن کي ڦاڙي ڇڏيائون.


مادي رڇ، جنهن جا ٻچا چورايا ويا هجن، سا ڪنهن ماڻهوءَ کي گڏجي تہ ڀلي گڏجي، پر بي عقل پنهنجي بي عقليءَ ۾ هن کي نہ گڏجي.


جيئن گجندڙ شينهن ۽ گهمندڙ رڇ، تيئن اُهو شرير ماڻهو جو غريبن تي حاڪم آهي.


۽ چئُہ تہ تنهنجي ماءُ ڪير هئي؟ هڪڙي شينهڻ هئي: اُها شينهن سان ليٽي، بلڪ جوان شينهن جي وچ ۾ رهي پنهنجن ٻچن کي پاليائين.


۽ ڏسو، ٻيو جانور، رڇ جهڙو هو، ۽ اهو هڪڙي پاسي سڌو ٿي بيٺو؛ ۽ پاسريءَ جون ٽي هڏيون هن جي وات ۾ ڏندن جي وچ ۾ هيون: ۽ هنن چيس تہ اُٿي گهڻو گوشت کاءُ.


آءٌ هنن کي انهي رڇڻ وانگر گڏبس، جنهن جا ٻچا کسيا ويا هجن، ۽ هن جي دل جو پردو ڦاڙي ڇڏيندس: ۽ اُتي آءٌ هنن کي شينهن وانگر ڳهي ويندس؛ جهنگلي جانور هنن کي ڦاڙي ڇڏيندو.


۽ بني دان هن کي چيو تہ ائين نہ ڪر جو تنهنجو آواز اسان کي ٻڌڻ ۾ اچي، متان ڪاوڙيل ماڻهو توتي ڪاهي پون، ۽ تنهنجي جان، ۽ تنهنجي گهراڻي جون جانيون وڃن.


تڏهن انهن جوان ماڻهن مان هڪڙي ورندي ڏيئي چيو تہ ڏس، مون بيت لحم واري يسي جو پٽ ڏٺو آهي جو وڄائڻ ۾ ڏاڍو ڀڙ آهي، ۽ زور ڀريو ۽ همٿ وارو ماڻهو آهي، ۽ جنگي جوان، ۽ ڳالهائڻ جو خبردار، ۽ خوبصورت شخص آهي، ۽ خداوند هن ساڻ آهي.


انهي طرح دائود هڪڙي کانڀاڻي ۽ هڪڙي پٿر سان فلستيءَ تي غالب آيو، ۽ فلستيءَ کي قتل ڪيائين؛ پر دائود جي هٿ ۾ ڪابہ ترار ڪانہ هئي.


تنهنڪري ڏسو ۽ هن جي لڪڻ جون سڀ جايون معلوم ڪريو، ۽ وري اچي مون کي پڪ ڏيو، تہ پوءِ آءٌ اوهان سان گڏجي هلندس: ۽ هيئن ٿيندو تہ جي هو انهي ملڪ ۾ هوندو، تہ يهوداہ جي سڀني هزارن مان بہ آءٌ هن کي ڳولي ڪڍندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ