7 تڏهن حوسيءَ ابي سلوم کي چيو تہ هن ڀيري اخيتفل جيڪا صلاح ڏني آهي سا چڱي نہ آهي.
7 تڏهن حوسيءَ ابيسلوم کي چيو تہ ”هن ڀيري اخيتفل جيڪا صلاح ڏني آهي سا چڱي نہ آهي.“
۽ هڪڙي ماڻهوءَ دائود کي چيو تہ اخيتفل ابي سلوم سان منصوبو ڪندڙن مان آهي. ۽ دائود چيو، تہ اي خداوند، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ اخيتفل جي مشورت بدلائي بي عقلي ڪر.
پر جي تون موٽي شهر ڏي ويندين، ۽ ابي سلوم کي چوندين تہ اي بادشاهہ، آءٌ تنهنجو ٻانهو ٿيندس؛ جيئن گذريل وقت ۾ آءٌ تنهنجي پيءُ جو ٻانهو ٿي رهيو آهيان، تيئن هاڻي آءٌ تنهنجو ٻانهو ٿيندس، تڏهن تون منهنجي خاطر اخيتفل جي مت منجهائيندين.
۽ اخيتفل ابي سلوم کي چيو تہ تون پنهنجي پيءُ جي سريتن وٽ وڃ، جي هن گهر جي سنڀال لاءِ ڇڏيون آهن؛ ۽ سڀ اسرائيلي ٻڌندا تہ تنهنجي پيءُ کي توکان نفرت آهي: تڏهن جيڪي ماڻهو توسان آهن تن جا هٿ مضبوط ٿيندا:
۽ جڏهن حوسي ابي سلوم وٽ آيو تڏهن ابي سلوم چيس تہ اخيتفل هن طرح چيو آهي: اسين هن جي چئي موجب ڪريون يا نہ؟ جي نہ تہ تون چئُہ.
پنهنجو وات گونگن جي لاءِ پٽ، ۽ انهن سڀني جي وڪالت ۾ جي نڌڻڪا ڇڏيا ويا آهن.