تڏهن سندس زال زرش ۽ ٻين سڀني دوستن چيس تہ پنجاهہ هٿن جي هڪڙي وڏي سوري جوڙاءِ، ۽ سڀاڻي صبح جو بادشاهہ کي چئُہ تہ مردڪئي کي اُنهيءَ تي لٽڪائي ڇڏي: پوءِ خوشيءَ سان بادشاهہ سان گڏجي مهماني تي وڃج. اها ڳالهہ هامان کي وڻي؛ ۽ هن سوري ٺهرائي.
۽ هنن کي خدا جي انهي حڪم جي خبر آهي، تہ جيڪي اهڙا ڪم ٿا ڪن، سي موت جي لائق آهن، انهيءَ هوندي بہ نہ رڳو هو پاڻ اُهي ساڳيا ڪم پيا ڪن، پر ٻيا جيڪي اُهي ڪن ٿا، تن سان راضي ٿا رهن.