29 ۽ ماکي، ۽ مکڻ، ۽ رڍون، ۽ ڳائو پنير، دائود جي، ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن جي کائڻ لاءِ کڻي آيا، ڇالاءِ جو هنن چيو تہ ماڻهو بيابان ۾ بکايل، ۽ ٿڪل، ۽ اُڃايل آهن.
۽ بادشاهہ ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا سي ٿڪجي ٽٽجي آيا؛ ۽ هن اُتي آرام وٺي پاڻ تازو ڪيو.
۽ بادشاهہ ضيبا کي چيو تہ انهن شين مان تنهنجو مطلب ڪهڙو آهي؟ ۽ ضيبا چيو تہ گڏهہ بادشاهہ جي گهر جي ڀاتين جي سواري لاءِ آهن، ۽ ماني ۽ آرڙهہ وارا ميوا جوان ماڻهن جي کائڻ لاءِ آهن؛ ۽ شراب انهيءَ لاءِ آهي تہ جيڪي بيابان ۾ ٿڪجي پون سي پيئن.
۽ اڃا هو ٿڪل ۽ ڪمزور هوندو تہ مٿانئس وڃي پوندس، ۽ ڊيڄاريندوسانس: ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس آهن سي سڀ ڀڄي ويندا؛ ۽ آءٌ رڳو بادشاهہ کي ماريندس:
اهي بکايل ۽ اُڃايل هئا، انهن جي جان ماندي ٿي ويئي.
ڇو جو خداوند خدا سج ۽ ڍال آهي: خداوند فضل ۽ جلال ٿو بخشي: جيڪي سچائيءَ تي ٿا هلن تن کان هو ڪابہ چڱي شيءِ روڪي ڪين رکندو.
هڪڙو اهڙو بہ آهي جو سڄو ڏينهن هٻڇ ڪري لالچ رکي ٿو: پر سچو ڏئي ٿو ۽ رکي نٿو ڇڏي.
جيڪو اُڃيو هو تنهن کي پاڻي آڻي ڏنائون؛ تيما جي ملڪ جا رهاڪو ڀڳلن کي مانيءَ سان اچي گڏيا.
اهو روزو ناهي ڇا تہ تون پنهنجي ماني بکين کي ڏين، ۽ جيڪي غريب دربدر آهن تن کي پنهنجي گهر وٺي اچين؟ ۽ جڏهن ڪو اُگهاڙو ڏسين تہ انهي کي ڪپڙا ڍڪائين؛ ۽ پنهنجي هم جنس کان منهن نہ لڪائين؟
۽ هيروديس جي ديوان، خوزيءَ جي زال يونانہ، ۽ سوسنا، ۽ ٻيون بہ ڪيتريون هيون، جن پنهنجي مال سان سندس خدمت پئي ڪئي.
پاڪ ٿيلن جون احتياجون رفع ڪريو؛ مهمان نوازيءَ جا عادتي ٿيو.
۽ هي پنير جون ڏهہ ٽڪيون انهن جي هزار جي سردار کي ڏيئي اچ، ۽ ڏسي بہ اچ تہ تنهنجا ڀائر ڪيئن پيا گذارين، ۽ انهن جي ڪا نشاني وٺي اچج.