۽ ابي سلوم يوآب جي بجاءِ عماسا کي لشڪر جي مٿان مقرر ڪيو. هاڻي عماسا اترا نالي اسرائيليءَ جو پٽ هو، جو يوآب جي ماءُ، ضروياہ جي ڀيڻ ناحس جي ڌيءَ ابيجيل سان سُتو هو.
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود محنايم ۾ آيو تڏهن سوبي بن ناحش، جو بني عمون واري ربہ جو ويٺل هو، ۽ مڪير بن عمي ايل، جو لودبار جو ويٺل هو. ۽ برزلي جلعادي، جو راجليم جو ويٺل هو،
منسيءَ جي فرقي لاءِ ڪڻي پيري هي حصو هو؛ ڇالاءِ جو هو يوسف جو پهريتو پٽ هو، ۽ مڪير جو منسيءَ جو پهريتو پٽ هو، ۽ جلعاد جو پيءُ هو، ڇاڪاڻ تہ هو جنگي مرد هو، تنهنڪري هن کي جلعاد ۽ بسن ورثي ۾ مليا.