Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 17:23 - Sindhi Bible

23 ۽ جڏهن اخيتفل ڏٺو تہ سندس صلاح تي نہ هليا آهن، تڏهن هن پنهنجي گڏهہ تي هنو رکيو، ۽ اُٿي پنهنجي شهر ڏي ويو، ۽ وڃي گهر پهتو، ۽ پنهنجي گهر جو بندوبست ڪري پاڻ کي ڦاسي ڏئي لڙڪائي ڇڏيائين؛ ۽ هو مري ويو، ۽ پنهنجي پيءُ جي قبر ۾ دفن ڪيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 اخيتفل جڏهن ڏٺو تہ سندس صلاح تي عمل نہ ڪيو ويو آهي، تڏهن هن پنهنجي گڏهہ تي آٿر رکيو ۽ اُٿي پنهنجي شهر ڏانهن روانو ٿيو. گھر پهچي پنهنجي گھر جي انتظام بابت وصيت ڪيائين. پوءِ پاڻ کي ڦاهي ڏيئي ماري ڇڏيائين ۽ کيس پنهنجي خانداني قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 17:23
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن ابي سلوم قربانيون پئي چاڙهيون تڏهن هن دائود جي صلاحڪار اخيتفل جلونيءَ کي سندس شهر مان، يعني جلوہ مان گهرايو. ۽ منصوبو وڌندو ويو؛ ڇالاءِ جو ماڻهن جو تعداد ابي سلوم وٽ وڌندو ويو.


۽ هڪڙي ماڻهوءَ دائود کي چيو تہ اخيتفل ابي سلوم سان منصوبو ڪندڙن مان آهي. ۽ دائود چيو، تہ اي خداوند، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ اخيتفل جي مشورت بدلائي بي عقلي ڪر.


انهن ڏينهن ۾ اخيتفل جيڪا صلاح ڏيندو هو سا اهڙي هوندي هئي جهڙي ڪو ماڻهو خدا جي ڪلام کان پڇي: اخيتفل جي سڀڪا صلاح دائود جي برخلاف ابي سلوم جي لاءِ اهڙي ئي هوندي هئي.


تڏهن دائود ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا سي سڀ اُٿيا، ۽ يردن لنگهي پار ٿيا: صبح جي سوجهري ٿيڻ وقت ڌاري هڪڙو بہ ڪونہ بچيو جو يردن لنگهي هن ڀر نہ ويو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن زمريءَ ڏٺو تہ شهر وٺجي ويو، تڏهن هو بادشاهہ جي گهر جي قلعي ۾ ويو، ۽ پنهنجي مٿان بادشاهہ جي گهر کي باهہ ڏيئي ساڙيائين، ۽ مري ويو.


انهن ڏينهن ۾ حزقياہ سخت بيمار ٿي پيو ۽ مرڻ تي هو. ۽ يسعياہ بن آموص نبي هن وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ پنهنجي گهر جو بندوبست ڪر؛ ڇالاءِ جو تون مرندين، ۽ جيئرو نہ رهندين.


اهو بدڪارن جي لاءِ آفت نہ آهي ڇا؟ ۽ گناهہ ڪندڙن جي لاءِ مصيبت ناهي ڇا؟


جيڪي منهنجا دشمن آهن، ۽ منهنجيءَ جان جي برخلاف پيا ڳالهائين، تن کي خداوند وٽان اهو بدلو ٿو ملي.


اي خدا انهن کي ڏوهي ٺهراءِ؛ هي پنهنجن منصوبن ۾ پاڻ ڦاسن؛ انهن کي سندن گناهن جي گهڻائيءَ ڪري ڌڪي ڪڍ؛ ڇو جو تنهنجي برخلاف فساد ڪيو اٿن.


پر اي خدا تون انهن کي برباديءَ جي کڏ ۾ ڪيرائيندين: خوني ۽ ٺڳ ماڻهو پنهنجي اڌ ڄمار تائين بہ جيئرا ڪين رهندا؛ پر آءٌ توتي ڀروسو رکندس.


مغروري موت کان اڳي ٿي هلي، ۽ هٺيلي دل ڪرڻ کان اڳي.


ماڻهوءَ جي بي عقلي هن کي گمراهہ ڪيو ڇڏي؛ ۽ اُن جي دل خداوند جي برخلاف بيزار ٿئي ٿي.


انهن ڏينهن ۾ حزقياہ اهڙو بيمار ٿي پيو جو مرڻ جي ڪنڌيءَ تي اچي پهتو. ۽ آموص جو پٽ يسعياہ نبي وٽس آيو ۽ چيائينس تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تون پنهنجي گهراڻي جو پورو بندوبست ڪر؛ ڇالاءِ جو تون جيئرو ڪين رهندين، پر مري ويندين.


۽ هو اُهي روپيا هيڪل ۾ اُڇلائي هليو ويو، ۽ وڃي پاڻ کي ڦاسي ڏنائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ