Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 17:2 - Sindhi Bible

2 ۽ اڃا هو ٿڪل ۽ ڪمزور هوندو تہ مٿانئس وڃي پوندس، ۽ ڊيڄاريندوسانس: ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس آهن سي سڀ ڀڄي ويندا؛ ۽ آءٌ رڳو بادشاهہ کي ماريندس:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هو اڃا ٿڪل ۽ بي‌همت ئي هوندو تہ آءٌ وڃي مٿان ڪڙڪندوسانس ۽ ٿرٿلو وجھي ڇڏيندوسانس. پوءِ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ آهن سي سڀ ڀڄي ويندا، تڏهن آءٌ رڳو بادشاهہ کي ماري ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 17:2
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بادشاهہ ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا سي ٿڪجي ٽٽجي آيا؛ ۽ هن اُتي آرام وٺي پاڻ تازو ڪيو.


تنهن کان سواءِ اخيتفل ابي سلوم کي چيو تہ هاڻي ڇڏ تہ آءٌ ٻارهن هزار ماڻهو چونڊي ڪڍان، ۽ اُٿي اڄ رات ئي دائود جي پٺيان پوان:


هاڻي ارام جي بادشاهہ پنهنجن رٿن جي ٻٽيهن سردارن کي حڪم ڏيئي چيو تہ نہ ننڍن سان وڙهجو نہ وڏن سان، رڳو اسرائيل جي بادشاهہ سان وڙهجو.


۽ هنن جو قصور نہ ڍڪ، هنن جو گناهہ پنهنجي اڳيان ميٽي ڇڏڻ نہ ڏي: ڇالاءِ جو هنن توکي، اڏڻ وارن جي اڳيان، ڪاوڙايو آهي.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اي ترار منهنجي ريڍار جي، يعني انهيءَ انسان جي، جو منهنجو رفيق آهي، تنهن جي برخلاف اُٿ، ۽ ريڍار کي ڌڪ هڻ، تہ رڍون ڇڙوڇڙ ٿي وڃن: ۽ آءٌ ننڍن تي بہ هٿ هلائيندس.


پر جڏهن انهن آبادگارن هن جي پٽ کي ڏٺو، تڏهن پاڻ ۾ چيائون تہ هي وارث آهي، اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون، ۽ سندس ورثو هٿ ڪريون.


پوءِ يسوع هنن کي چيو تہ اوهين سڀ اڄ رات منهنجي سبب ڪري ٺوڪر کائيندا: ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”آئون ريڍار کي ماريندس ۽ ڌڻ جون رڍون رلي ڇلي وينديون.“


۽ اوهين سمجهو ئي ڪين ٿا تہ اوهان جي لاءِ چڱي ڳالهہ هيءَ ٿيندي تہ هڪڙو ڄڻو اُمت لاءِ مري، ۽ نہ سڄي قوم برباد ٿئي.


ڪيئن نہ هو واٽ تي توکي اچي گڏيا، ۽ جڏهن تون ٿڪل ۽ ماندو هئين، تڏهن تنهنجا ضعيف ماڻهو جيڪي پٺتي رهيل هئا، تن سڀني کي اچي ماريائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ