Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 17:14 - Sindhi Bible

14 تڏهن ابي سلوم ۽ اسرائيل جي سڀني ماڻهن چيو تہ حوسي ارڪي جي صلاح اخيتفل جي صلاح کان بهتر آهي. ڇالاءِ جو خداوند اهو ارادو ڪيو هو تہ اخيتفل جي چڱي صلاح بہ اجائي ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ هو ابي سلوم تي خرابي آڻي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 تنهن تي ابي‌سلوم ۽ جيڪي بني اسرائيل وارا ساڻس گڏ هئا، تن چيو تہ ”حوسي ارڪيءَ جي صلاح اخيتفل جي صلاح کان بهتر آهي.“ هي انهيءَ ڪري ٿيو جو خداوند اهو ارادو ڪري ڇڏيو هو تہ اخيتفل جي چڱي صلاح بہ اجائي ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ هو ابي‌سلوم تي آفت نازل ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 17:14
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن چيو تہ اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ، پر اسرائيل سڏبو؛ ڇالاءِ جو تو خدا ۽ ماڻهن سان زور آزمائي ڪئي آهي، ۽ غالب پيو آهين.


۽ هڪڙي ماڻهوءَ دائود کي چيو تہ اخيتفل ابي سلوم سان منصوبو ڪندڙن مان آهي. ۽ دائود چيو، تہ اي خداوند، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ اخيتفل جي مشورت بدلائي بي عقلي ڪر.


پر جي تون موٽي شهر ڏي ويندين، ۽ ابي سلوم کي چوندين تہ اي بادشاهہ، آءٌ تنهنجو ٻانهو ٿيندس؛ جيئن گذريل وقت ۾ آءٌ تنهنجي پيءُ جو ٻانهو ٿي رهيو آهيان، تيئن هاڻي آءٌ تنهنجو ٻانهو ٿيندس، تڏهن تون منهنجي خاطر اخيتفل جي مت منجهائيندين.


انهن ڏينهن ۾ اخيتفل جيڪا صلاح ڏيندو هو سا اهڙي هوندي هئي جهڙي ڪو ماڻهو خدا جي ڪلام کان پڇي: اخيتفل جي سڀڪا صلاح دائود جي برخلاف ابي سلوم جي لاءِ اهڙي ئي هوندي هئي.


انهيءَ طرح بادشاهہ ماڻهن جي ڳالهہ نہ مڃي؛ ڇالاءِ جو اها خدا جي ڪيل رٿ هئي، تہ جيڪو ڪلام خداوند اخياہ سيلانيءَ جي معرفت يربعام بن نباط سان ڪيو هو، سو قائم ٿئي.


پر جيڪا صلاح اُنهن پير مردن هن کي ڏني، سا هن نہ ورتي، ۽ جيڪي جوان ماڻهو ساڻس گڏ پلجي وڏا ٿيا هئا، ۽ جي سندس اڳيان بيهندا هئا، تن سان هن صلاح مشورت ڪئي.


۽ هيئن ٿيو تہ هن سان ڳالهين ڪندي بادشاهہ هن کي چيو تہ اسان ڪو توکي بادشاهہ جو صلاحڪار مقرر ڪيو آهي ڇا؟ بس ڪر. ڇو ٿو مارجين؟ تڏهن انهيءَ نبيءَ بس ڪئي، ۽ چوڻ لڳو تہ مون کي خبر آهي تہ خدا توکي ناس ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، جو تو هي ڪم ڪيو آهي ۽ منهنجي صلاح نہ ورتي اٿيئي.


پر امصياہ ٻڌڻ جي نہ ڪئي: ڇالاءِ جو اها ڳالهہ خدا جي طرفان هئي تہ هنن کي سندن دشمنن جي حوالي ڪري، جو هو ادوم جي ڪري معبودن جا طالبو ٿيا هئا.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسان جن دشمنن ٻڌو تہ اسان کي انهيءَ جي خبر پيئي آهي، ۽ خدا هنن جي صلاح مشورت برباد ڪري ڇڏي آهي، تڏهن اسين سڀ موٽي ڀت وٽ آياسين، ۽ سڀڪو پنهنجي ڪم کي لڳي ويو.


هو صلاحڪارن کي ڦري لٽي قيد ٿو ڪري، ۽ منصفن کي هو بي عقل ڪري ٿو.


قومن جيڪا کڏ کوٽي آهي، تنهن ۾ اهي پاڻ ڪري پيون آهن؛ جو ڄار انهن لڪائي رکيو آهي، تنهن ۾ سندن ئي پير ڦاٿا آهن.


خداوند پاڻ کي ظاهر ڪيو آهي، هن انصاف ڪيو آهي، بڇڙو پنهنجي ئي هٿن جي ڪم ۾ ڦاٿل آهي.


پر حقيقت ڪري مون توکي انهيءَ لاءِ ڇڏيو آهي، تہ توکي پنهنجي قدرت ڏيکاريان، تہ منهنجو نالو سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ٿئي.


ماڻهوءَ جي دل ۾ گهڻيون ئي تجويزون آهن؛ پر قائم فقط خداوند جي رٿ رهندي.


ڪابہ ڏاهپ، يا سمجهہ، يا صلاح مصلحت نہ آهي، جا خداوند جي برخلاف بيهي.


گڏجي صلاح مصلحت ڪريو، پر اها ڪنهن ڪم جي نہ ٿيندي؛ ڪا ڳالهہ ڪريو پر اها بيهڪ نہ وٺندي: ڇالاءِ جو خدا اسان سان آهي.


اُهو ڪير آهي جو چوي ٿو تہ ائين ٿئي ٿو، جڏهن خداوند اهڙو ڪم نٿو ڪري؟


۽ جيتوڻيڪ هو پاڻ کي ڪرمل جي چوٽيءَ تي وڃي لڪائيندا، تہ بہ آءٌ هنن کي ڳولي ڪڍندس؛ ۽ جيتوڻيڪ هو منهنجي نظر کان گسائي سمنڊ جي تري ۾ وڃي لڪندا، تہ بہ اُتي آءٌ نانگن کي حڪم ڏيندس تہ کين ڏنگي وڃن.


۽ سندس مالڪ اُنهي کوٽي گماشتي جا انصاف مڃيا، ڇالاءِ جو هن پڪائي ڪئي هئي! ڪيئن جو هن دنيا جا ٻار پنهنجي زماني ۾ روشني جي ٻارن کان وڌيڪ سياڻا آهن.


ڇالاءِ جو هن جهان جي ڏاهپ خدا جي اڳيان بيوَقوفي آهي. هن ڪري جو لکيل آهي تہ ”هو ڏاهن کي سندن هوشياريءَ ۾ ٿو ڦاسائي.“


پر حسبون جي بادشاهہ سيحون اسان کي پنهنجيءَ حد مان لنگهڻ نہ ڏنو: ڇالاءِ جو خداوند اسان جي خدا، هن جو مزاج تيز، ۽ دل سخت ڪئي، انهي لاءِ تہ هو انهي کي تنهنجي حوالي ڪري، جيئن ڪ اڄ ڪيو اٿس.


ڇالاءِ جو اهو خداوند جو حڪم هو، جنهن هنن جون دليون سخت ڪيون، تہ اسرائيل سان اچي جنگ ڪن، انهي لاءِ تہ هو کين صفا ناس ڪري ڇڏين، ۽ مٿن ڪابہ مهرباني نہ ٿئي، بلڪ هنن کي چٽ ڪري ڇڏين، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ