Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 17:10 - Sindhi Bible

10 ۽ جيڪو بهادر آهي ۽ جنهن جي دل شينهن جي دل جهڙي آهي، سو بہ بلڪل پگهرجي پاڻي ٿي ويندو، ڇالاءِ جو ساري اسرائيل کي خبر آهي تہ تنهنجو پيءُ طاقت وارو ماڻهو آهي، ۽ جيڪي ساڻس آهن سي بهادر ماڻهو آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 تڏهن جيڪو بهادر ماڻهو هوندو ۽ سندس دل شينهن جي دل جهڙي هوندي، سو بہ بلڪل دل هاري ويهندو، ڇاڪاڻ تہ سڄي بني اسرائيل کي خبر آهي تہ اوهان جو پيءُ وڏو بهادر آهي ۽ جيڪي ساڻس گڏ آهن سي بہ بهادر ماڻهو آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 17:10
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهوداہ شينهن جو ٻچو آهي؛ اي منهنجا پٽ، تون شڪار تان آيو آهين: هو شينهن وانگي ۽ شينهڻ وانگي ڇپ ماري ويٺو، ڪير هن کي اُٿاريندو؟


سائول ۽ يونتن پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ مزي جهڙا ۽ وڻندڙ هئا، ۽ مرڻ وقت بہ هو جدا نہ ٿيا، هو عقابن کان بہ تکا هئا، هو شينهن کان بہ زور وارا هئا.


ڏس، هينئر هو ڪنهن غار ۾، يا ڪنهن ٻئي هنڌ لڪل هوندو: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن انهن مان ڪي پهرين مارجي ويندا، تڏهن جيڪو اها ڳالهہ ٻڌندو سو چوندو تہ ابي سلوم جي پٺيان جيڪي ماڻهو آهن تن ۾ ڪوس پيو آهي.


۽ بناياہ بن يهويدع، قبضيل جي هڪڙي بهادر شخص جو پٽ، جنهن وڏا وڏا ڪم ڪيا هئا، تنهن موآب واري اري ايل جي ٻن پٽن کي ڪُٺو: هن برف جي موسم ۾ هڪڙي کڏ منجهہ هڪڙي شينهن کي بہ وڃي ماريو:


تڏهن تو پنهنجي مقدسن کي رويا ۾ فرمايو، ۽ چيو تہ مون هڪڙي زور واري کي مددگار ٺهرايو آهي؛ ۽ اُمت مان هڪڙي کي چونڊي سرفراز ڪيو اٿم.


انهيءَ وقت ادوم جا سردار حيران ٿيا: موآب جي پهلوانن کي ڏڪڻي وٺي ويئي: ۽ ڪنعان جا سڀ رهاڪو پاڻي پاڻي ٿي ويا آهن.


شرير ڀڄندا آهن، جڏهن ڪوبہ سندن پٺيان نٿو پوي، پر سچا شينهن وانگي بهادر آهن.


ڏس اها سليمان جي پالڪي آهي؛ انهيءَ جي چوڌاري سٺ اسرائيل جا زور ڀريا ماڻهو آهن.


تنهن ڪري سڀ هٿ ضعيف ٿيندا، هر ڪنهن ماڻهوءَ جي دل پگهري ويندي؛


مصر بابت ڪلام. ڏسو خداوند هڪڙي تکي بادل تي سوار ٿي مصر ۾ اچي ٿو: ۽ اُن جي حضور ۾ مصر جا بت بيحال ٿي ويندا ۽ مصر جي دل پگهرجي ويندي.


مون انهي ترار جي نوڪ هنن جي سڀني دروازن تي رکي آهي، تہ سندن دل پگهري وڃي ۽ هو وڌيڪ آٿڙجن. هائو، اُها وڄ جهڙي آهي، اُها ڪوس جي لاءِ تيار آهي.


هاڻي اسين ڪيڏانهن وڃون؟ اسان جي ڀائرن تہ اسان جي دل ڀڃي ڇڏي آهي، جو چون ٿا تہ اتي جا ماڻهو اسان کان ڊگها ۽ قداور آهن؛ اتي جا شهر وڏا آهن، ۽ انهن جون ڀتيون آسمان تائين ٿيون پهچن؛ تنهن کان سواءِ اسان اتي عناقيم جو اولاد بہ ڏٺو.


باهہ جي تيزيءَ کي بہ بي اثر ڪيائون، ترار جي ڌار کان بچي ويا، ڪمزوريءَ ۾ زور وارا ٿيا، جنگ ۾ بهادر ٿيا، ڌارين جا لشڪر ڀڄائي ڪڍيائون:


تڏهن انهن جوان ماڻهن مان هڪڙي ورندي ڏيئي چيو تہ ڏس، مون بيت لحم واري يسي جو پٽ ڏٺو آهي جو وڄائڻ ۾ ڏاڍو ڀڙ آهي، ۽ زور ڀريو ۽ همٿ وارو ماڻهو آهي، ۽ جنگي جوان، ۽ ڳالهائڻ جو خبردار، ۽ خوبصورت شخص آهي، ۽ خداوند هن ساڻ آهي.


۽ سائول دائود کي چيو تہ ڏس، آءٌ پنهنجي وڏي ڌيءَ ميرب توکي پرڻائي ڏيڻ ٿو گهران: رڳو تون منهنجي لاءِ بهادريءَ جا ڪم ڪر، ۽ خداوند جون جنگيون ڪر: ڇالاءِ جو سائول چيو تہ منهنجو هٿ هن تي نہ پوي، پر ڀلي تہ هو فلستين جي هٿان مري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ