Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 16:8 - Sindhi Bible

8 خداوند سائول جي گهراڻي جو خون سمورو ئي موٽائي تو تي آڻي وڌو آهي، جنهن سائول جي جاءِ تي تو بادشاهي پئي ڪئي آهي؛ ۽ خداوند بادشاهي تنهنجي پٽ ابي سلوم جي هٿن ۾ ڏني آهي: ۽ ڏس، تون پنهنجيءَ خرابي ۾ پاڻ ڦاٿو آهين، ڇالاءِ جو تون خوني آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 سائول جنهن جي جاءِ تي تو بادشاهي پئي ڪئي آهي، تنهن جي گھراڻي جو سمورو خون خداوند تو تي ئي آڻي وڌو آهي. سو خداوند بادشاهي تنهنجي پٽ ابي‌سلوم جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏي آهي ۽ تون پنهنجي بڇڙائيءَ ۾ پاڻ ڦاٿو آهين، ڇاڪاڻ تہ تون خوني آهين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 16:8
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود هن کي چيو تہ تنهنجو خون تنهنجي گردن تي هجي: ڇالاءِ جو تو پاڻ شاهدي ڏني آهي، ۽ چيو اٿئي تہ مون خداوند جي مسح ڪيل کي قتل ڪيو آهي.


۽ هن تڏهن بادشاهہ کي چيو تہ منهنجو ڌڻي مون تي ڪو قصور نہ رکي، ۽ نہ منهنجو ڌڻي اهو ڪم ياد رکي دل ۾ ڪري، جو تنهنجي ٻانهي ڏنگائي ڪري انهيءَ ڏينهن ڪيو هو، جنهن ڏينهن منهنجو ڌڻي بادشاهہ نڪري يروشليم مان ويو هو.


پر ابيشي بن ضروياہ ورندي ڏئي چيو تہ انهيءَ لاءِ سمعيءَ کي قتل نہ ڪبو ڇا، جو هن خداوند جي مسح ڪيل تي لعنت وڌي؟


۽ دائود جي ڏينهن ۾ ٽي سال ساندهہ ڏڪار پيو؛ ۽ دائود خداوند جي حضور ۾ دعا گهري. ۽ خداوند فرمايو تہ سائول جي سبب، ۽ سندس خوني گهراڻي جي سبب اهو حال ٿيو آهي، جو هن جبعونين کي قتل ڪيو.


۽ انهن کي جبعونين جي حوالي ڪيائين، ۽ هنن انهن کي خداوند جي اڳيان جبل تي ڦاسيءَ تي چاڙهيو، ۽ اهي ست ئي گڏ مئا: ۽ اهي فصل لهڻ وارن ڏينهن ۾، جَوَن جي فصل لهڻ جي شروعات ۾، پهرين ڏينهن ۾ قتل ڪيا ويا.


۽ ڏس، توسان سمعي بن جيرا، جو بحوريم جو رهندڙ بنيميني آهي؛ انهيءَ مون تي محنايم ۾ وڃڻ واري ڏينهن سخت لعنت وڌي هئي: پر هو يردن وٽ منهنجي استقبال لاءِ لهي آيو، ۽ مون خداوند جو قسم کڻي هن کي چيو تہ آءٌ کيس ترار سان قتل نہ ڪندس.


گهڻيئي منهنجيءَ جان جي بابت چون ٿا تہ هن کي خدا وٽان مدد ڪانہ ملندي.


اي آدمزادا، اوهين ڪيستائين منهنجي جلال جي بيعزتي ڪندا؟ ڪيستائين بيهودگيءَ کي چاهيندا، ۽ ڪوڙ کي ڳوليندا؟


دشمن جي واڪي، ۽ بدڪار جي ظلم ڪري؛ ڇو جو اُهي مون سان بڇڙائي ٿا ڪن، ۽ غصي ۾ مونکي ستائين ٿا.


جيڪڏهن مون ڪنهن سان نيڪيءَ جي عيوض بدي ڪئي آهي. (پر مون تہ پاڻ انهي کي بچايو آهي جو بي سبب منهنجو دشمن هو:)


جيئن جهرڪي رلڻ ۾، ۽ جيئن ابابيل اُڏامڻ ۾، تيئن جيڪا لعنت بي سبب آهي سا لهي نٿي.


ڇالاءِ جو هنن پاڪ ٿيلن ۽ نبين جو رت وهايو، ۽ تو کين رت پيئڻ لاءِ ڏنو: اُهي انهي جا لائق آهن.


انهي لاءِ تہ يروبعل جي ستر پٽن سان جيڪو ظلم ٿيو هو، سو ظاهر ٿئي، ۽ انهن جو خون سندس ڀاءُ ابيملڪ تي رکيو وڃي، جنهن هنن کي ماريو، ۽ سڪم جي ماڻهن تي بہ، جن هن کي پنهنجي ڀائرن جي مارڻ ۾ مدد ڪئي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ