تڏهن ڇالاءِ تو خداوند جي ڪلام جي حقارت ڪئي آهي، ۽ جيڪي خدا جي نظر ۾ بڇڙو آهي سو ڪيو اٿئي؟ تو اورياہ حتيءَ کي ترار سان ماريو آهي، ۽ هن جي زال کي پنهنجي زال ڪيو اٿئي، ۽ هن کي بني عمون جي ترار سان قتل ڪرايو اٿئي.
۽ اتفاق سان اتي هڪڙو بدمعاش بنيميني هو جنهن جو نالو سبع بن بڪري هو. ۽ انهيءَ قرناءِ وڄائي چيو تہ اسان جي دائود ۾ ڪابہ پتي ڪانہ آهي، نڪي يسيءَ جي پٽ ۾ ڪوبہ ورثي جو حق آهي: اي اسرائيليو، سڀڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ۾ وڃي.
تہ ڪي ڪميڻا ماڻهو تنهنجي وچ مان نڪري پنهنجي شهر جي ماڻهن کي هيئن چئي گمراهہ ڪري رهيا آهن، تہ اچو تہ اهڙن معبودن جي عبادت ڪريون، جن جي اوهان کي خبر ڪانهي؛