Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 16:5 - Sindhi Bible

5 ۽ جڏهن بادشاهہ دائود بحوريم ۾ آيو تڏهن ڏس، سائول جي گهراڻي جي قبيلي مان هڪڙو ماڻهو نڪري آيو، جنهن جو نالو سمعي بن جيرا هو: اهو جيئن آيو ٿي تيئن لعنتون وجهندو آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 جڏهن دائود بادشاهہ بحوريم شهر ۾ پهتو، تڏهن سائول جي گھراڻي جي ماڻهن مان هڪڙو شخص نڪري آيو جنهن جو نالو شمعي ولد جيرا هو. هو لعنتون وجھندو ٿي آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 16:5
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بادشاهہ ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا سي ٿڪجي ٽٽجي آيا؛ ۽ هن اُتي آرام وٺي پاڻ تازو ڪيو.


تڏهن بادشاهہ ضيبا کي چيو تہ ڏس جيڪي مفيبوست جو آهي سو سڀ تنهنجو آهي، ۽ ضيبا چيو تہ آءٌ تعظيم بجا ٿو آڻيان: اي منهنجا سائين، اي بادشاهہ، شل آءٌ تنهنجي نظر ۾ مان لهان.


۽ هن دائود تي، ۽ بادشاهہ دائود جي سڀني نوڪرن تي پهڻ اُڇلايا: ۽ سڀ ماڻهو، ۽ سڀ بهادر مرد هن جي سڄي هٿ پاسي ۽ کٻي هٿ پاسي هئا.


پر هڪڙي ڇوڪر هنن کي ڏسي ورتو، ۽ انهيءَ وڃي ابي سلوم کي ٻڌايو: ۽ هو ٻئي تڪڙا هليا ويا ۽ بحوريم ۾ هڪڙي ماڻهو جي گهر آيا، جنهن جي ايوان ۾ هڪڙو کوهہ هو؛ ۽ هو انهيءَ ۾ لهي پيا.


ابي علبون عرباتي، عزماوت برحومي؛


۽ سندس مڙس ساڻس گڏ روئندو هليو، ۽ بحوريم تائين هن جي پٺيان لڳو ويو. تڏهن ابنير هن کي چيو تہ موٽي وڃ: سو هو موٽي ويو.


سوسن جي محلات ۾ هڪڙو يهودي هوندو هو، جنهن جو نالو مردڪئي بن يائر، بن سمعي، بن قيس هو؛ ۽ هو بنيمين جو هو؛


ڇالاءِ جو هن پنهنجي واڳ ڍري ڪئي آهي ۽ مون کي ڏک ڏنو اٿس، ۽ هو منهنجي اڳيان پاڻ کي روڪين نٿا.


منهنجا دشمن سڄو ڏينهن مون کي طعنا پيا هڻن، ۽ جيڪي مون تي ڇتا ٿي پيا آهن سي مون تي لعنت پيا ڪن.


اهي ڀلي تہ لعنت ڪن، پر تون برڪت ڏي؛ جڏهن اهي اُٿندا تڏهن شرمندا ٿيندا، پر تنهنجو بندو خوش ٿيندو.


ڇالاءِ تہ جنهن کي تو ڌڪ هنيو آهي تنهن کي اهي ستائين ٿا، ۽ جنهن کي تو ڦٽيو آهي تنهن جي غم بابت ڳالهيون ٿا ڪن.


ڇالاءِ جو اها ئي فقط هن جي پوشاڪ آهي، ۽ اهو ئي هن جي بدن جو ڍڪ آهي، پوءِ هو ڇا ۾ سمهندو؟ ۽ جڏهن هو مون کي پڪاريندو، تڏهن آءٌ هن جي پڪار ٻڌندس؛ ڇوتہ آءٌ مهربان آهيان.


تون خدا جي برخلاف نہ ڳالهائج، نڪي پنهنجيءَ قوم جي سردارن تي لعنت ڪج.


جيئن جهرڪي رلڻ ۾، ۽ جيئن ابابيل اُڏامڻ ۾، تيئن جيڪا لعنت بي سبب آهي سا لهي نٿي.


بادشاهہ تي لعنت نہ وجهہ، پنهنجي خيال ۾ بہ ائين نہ ڪر؛ ۽ پنهنجي سمهڻ جي ڪوٺيءَ ۾ دولتمند تي لعنت نہ وجهہ: ڇالاءِ جو ڪو پکي آواز کڻي ويندو، ۽ جنهن کي پر آهن سو اها ڳالهہ وڃي ٻڌائيندو.


تڏهن هو ملڪ ۾ بکايل ۽ بڇڙي حال گهمندا: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هنن کي بک لڳندي تڏهن ڪنجهندا ڪُرڪندا، ۽ پنهنجي بادشاهہ تي، ۽ پنهنجي خدا تي لعنت ڪندا، ۽ پنهنجا منهن مٿي ڪندا:


۽ فلستيءَ دائود کي چيو تہ آءٌ ڪو ڪتو آهيان ڇا جو تون لٺ کڻي مون تي آيو آهين؟ ۽ فلستي پنهنجن معبودن جا قسم کڻي دائود تي لعنت وڌي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ