Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 16:4 - Sindhi Bible

4 تڏهن بادشاهہ ضيبا کي چيو تہ ڏس جيڪي مفيبوست جو آهي سو سڀ تنهنجو آهي، ۽ ضيبا چيو تہ آءٌ تعظيم بجا ٿو آڻيان: اي منهنجا سائين، اي بادشاهہ، شل آءٌ تنهنجي نظر ۾ مان لهان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 تڏهن بادشاهہ ضيبا کي چيو تہ ”مفيبوست جي جيڪا بہ شيءِ آهي سا سڀ هاڻي تنهنجي آهي.“ ضيبا وراڻي ڏيندي چيو تہ ”آءٌ تعظيم بجا ٿو آڻيان، اي منهنجا آقا بادشاهہ! شل آءٌ تنهنجي نظر ۾ مان لهان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 16:4
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يوآب منهن ڀر زمين تي ڪري پيو، ۽ تعظيم ڪيائين، ۽ بادشاهہ کي دعا ڪيائين: ۽ يوآب چيو تہ اڄ تنهنجي ٻانهي کي خبر پئي آهي تہ اي ڌڻي، اي بادشاهہ، مون تنهنجي نظر ۾ مان لڌو آهي، جو بادشاهہ پنهنجي ٻانهي جو عرض قبول ڪيو آهي.


۽ جڏهن انهيءَ تقوع واري زال بادشاهہ سان وڃي ڳالهايو، تڏهن هوءَ سندس اڳيان زمين تي منهن ڀر ڪري پئي، ۽ تعظيم ڪري چوڻ لڳي تہ اي بادشاهہ، واهر ڪر.


۽ بادشاهہ انهيءَ زال کي چيو تہ تون پنهنجي گهر وڃ، ۽ آءٌ تنهنجي بابت حڪم ڏيندس.


۽ بادشاهہ چيو تہ تنهنجي ڌڻيءَ جو پٽ ڪٿي آهي؟ ۽ ضيبا بادشاهہ کي چيو تہ ڏس، هو يروشلم ۾ ٿو رهي: ڇالاءِ جو هن چيو تہ اڄ اسرائيل جو گهراڻو مون کي پنهنجي پيءُ جي بادشاهي موٽائي ڏيندو.


۽ جڏهن بادشاهہ دائود بحوريم ۾ آيو تڏهن ڏس، سائول جي گهراڻي جي قبيلي مان هڪڙو ماڻهو نڪري آيو، جنهن جو نالو سمعي بن جيرا هو: اهو جيئن آيو ٿي تيئن لعنتون وجهندو آيو.


۽ هن منهنجي ڌڻي بادشاهہ وٽ تنهنجي ٻانهي جي شڪايت ڪئي آهي؛ پر منهنجو ڌڻي بادشاهہ خدا جي هڪڙي ملائڪ جهڙو آهي: تنهنڪري جيڪي تنهنجي نظر ۾ مناسب اچي تيئن ڪر.


۽ مفيبوست، بن يونتن، بن سائول، دائود وٽ آيو، ۽ منهن ڀر ڪري تعظيم ڪرڻ لڳو. ۽ دائود چيو تہ اي مفيبوست، هن ورندي ڏيئي چيو تہ اِجهو تنهنجو ٻانهو.


تڏهن بادشاهہ سائول جي ٻانهي ضيبا کي سڏي چيو تہ جيڪا بہ سائول جي ۽ سندس گهراڻي جي ملڪيت هئي، سا مون تنهنجي ڌڻيءَ جي پٽ کي ڏيئي ڇڏي آهي.


تون رشوت نہ وٺج: ڇو تہ رشوت انهن کي انڌو ٿي ڪري جيڪي ڏسي ٿا سگهن، ۽ راستبازن جي ڳالهين کي ڦيرائي ٿي ڇڏي.


جيڪو ٻڌڻ کان اڳي جواب ڏئي ٿو تنهنجي لاءِ اهو بي عقلي ۽ شرمندگي آهي.


جيڪو پنهنجي دعويٰ جو پهرين حجت دليل ڏئي ٿو سو سچو ڏسڻ ۾ ٿو اچي: پر هن جو پاڙيسري اچي هن جي حقيقت ظاهر ڪري ٿو.


روح علم ڌاران رهي، سو بہ چڱو ناهي؛ ۽ جيڪو پنهنجن پيرن سان تڪڙ ڪري ٿو سو گمراهہ ٿئي ٿو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪا بڇڙائي ڪري يا ڪو گناهہ ڪري گنهگار ٿئي، تہ انهي جي برخلاف هڪڙي ماڻهوءَ جي شاهدي بس نہ آهي: ٻن يا ٽن شاهدن جي زبانيءَ تي ڳالهہ جو فيصلو ٿيڻ گهرجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ