Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 16:22 - Sindhi Bible

22 پوءِ هنن ابي سلوم جي لاءِ گهر جي ڇت تي هڪڙو تنبو کوڙيو؛ ۽ ابي سلوم ساري اسرائيل جي روبرو پنهنجي پيءُ جي سريتن وٽ ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 سو ابي‌سلوم جي لاءِ محل جي ڇت تي خيمو لڳايو ويو ۽ سڄي بني اسرائيل ڏٺو تہ هو کُليو کُلايو اندر وڃي پنهنجي پيءُ جي سريتن سان هم‌بستر ٿي ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 16:22
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسرائيل انهيءَ ملڪ ۾ رهيو پيو هو، تڏهن روبن پنهنجي پيءُ جي سريت بلهاہ سان وڃي ستو، ۽ اسرائيل کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پئجي ويئي.


۽ شام جي وقت هيئن ٿيو تہ دائود پنهنجي هنڌ تان اُٿيو، ۽ بادشاهي محلات جي ڇت تي ٽهلڻ لڳو: ۽ ڇت تان هڪڙي زال کي وهنجندي ڏٺائين؛ ۽ اها زال ڏاڍي خوبصورت هئي.


پوءِ بادشاهہ نڪتو، ۽ سندس سارو گهراڻو سندس پٺيان لڳو. ۽ بادشاهہ گهر جي سنڀال لاءِ ڏهہ زالون ڇڏيون جي سريتون هيون.


۽ دائود يروشلم ۾ پنهنجي گهر آيو؛ ۽ جيڪي ڏهہ زالون بادشاهہ جون سريتون هيون ۽ جن کي هو گهر جي سنڀال لاءِ ڇڏي ويو هو، تن کي هن کڻي بند ۾ وڌو، ۽ اتي کاڌو پهچائي پئي ڏنائين، پر ساڻن صحبت ڪانہ ٿي ڪيائين. انهيءَ طرح هو مرڻ جي ڏينهن تائين بند ٿيون پيون هيون، ۽ رناپڻ ۾ گذارينديون آيون.


هنن جي چهري جو ڏيک هنن تي شاهدي ٿو ڏئي؛ ۽ هو سدوم وانگي پنهنجو گناهہ ظاهر ڪري ٻڌائين ٿا ۽ لڪائين نٿا. افسوس آهي هنن جي روح تي: ڇالاءِ جو هنن پاڻ پنهنجي سر تي خرابي آندي آهي.


تنهن ڪري مينهن جهلجي ويو آهي، ۽ پوئين برسات بہ ڪانہ پئي آهي؛ انهي هوندي بہ تنهنجي پيشاني ڪسبيءَ جهڙي هئي، ۽ شرمندي ٿيڻ کان تو انڪار ڪيو.


جڏهن هنن ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا تڏهن ڪي هو شرمندا ٿيا هئا ڇا؟ نہ، هنن کي بلڪل شرم نہ آيو، ۽ نڪي هنن کي ڪو حياءُ ٿيو: تنهن ڪري جيڪي ڪرڻ وارا آهن تن ۾ هو بہ ڪِرندا: خداوند ٿو فرمائي تہ هنن جي سزا جي وقت هو هيٺ اُڇلايا ويندا.


ڇالاءِ جو ان جو رت ان جي وچ ۾ آهي، هن اُهو اُگهاڙي ٽڪر تي رکيو؛ هن اُهو زمين تي نہ هاري وڌو تہ مٽيءَ سان ڍڪجي وڃي.


۽ جڏهن سڀني بني اسرائيلين جماعت واري تنبوءَ جي در تي پئي رنو، تڏهن هڪڙو اسرائيلي، موسيٰ ۽ سڀني ماڻهن جي روبرو، هڪڙيءَ مدياني زال کي پاڻ سان گڏ، پنهنجن ڀائرن وٽ وٺي آيو.


جن جي پڇاڙي فنا آهي، ۽ جي پيٽ جا پوڄاري آهن، ۽ شرم جي ڳالهين ۾ فخر ٿا ڪن، ۽ جن کي رڳو دنيا جي شين جو فڪر ٿو رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ