Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 16:21 - Sindhi Bible

21 ۽ اخيتفل ابي سلوم کي چيو تہ تون پنهنجي پيءُ جي سريتن وٽ وڃ، جي هن گهر جي سنڀال لاءِ ڇڏيون آهن؛ ۽ سڀ اسرائيلي ٻڌندا تہ تنهنجي پيءُ کي توکان نفرت آهي: تڏهن جيڪي ماڻهو توسان آهن تن جا هٿ مضبوط ٿيندا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 اخيتفل ابي‌سلوم کي چيو تہ ”اوهين پنهنجي پيءُ جي سريتن سان وڃي هم‌بستر ٿيو، جن کي هو محلات جي سنڀال لاءِ ڇڏي ويو آهي. اهڙيءَ طرح اوهان جي پيءُ کي اوهان کان نفرت ٿيندي ۽ پوءِ جڏهن بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو اها ڳالهہ ٻڌندا تڏهن جيڪي ماڻهو اوهان سان آهن تن جي همت وڌي ويندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 16:21
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يعقوب، شمعون ۽ لاويءَ کي چيو تہ اوهان مون کي تڪليف ۾ وڌو آهي، ۽ هن ملڪ جي رهاڪن، يعني ڪنعانين ۽ فرزين ۾، مون کي ڪراهت جهڙو ڪيو اٿوَ: اسين تعداد ۾ ٿورا آهيون، تنهنڪري هو سڀ پاڻ ۾ گڏ ٿي، مون تي ڪاهي ايندا، ۽ مون کي ماري وجهندا، ۽ آءٌ ۽ منهنجو خاندان تباهہ ٿي وينداسين.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسرائيل انهيءَ ملڪ ۾ رهيو پيو هو، تڏهن روبن پنهنجي پيءُ جي سريت بلهاہ سان وڃي ستو، ۽ اسرائيل کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پئجي ويئي.


۽ هو واٽ تان ڦري، هن ڏانهن ويو ۽ چيائينس تہ مون کي پاڻ وٽ اچڻ ڏي؛ ڇالاءِ جو هن کي اها خبر ڪانہ هئي، تہ هيءَ سندس ننهن آهي. تڏهن هن چيو تہ مون وٽ اچڻ لاءِ مون کي ڇا ڏيندين؟


تن ڏينهن ۾ زمين تي راڪاس هئا، پوءِ جڏهن خدا جا پٽ ماڻهن جي ڌيئرن وٽ ويا، تڏهن انهن مان اولاد پيدا ٿيو، اهي ئي قديم زماني جا ناليرا پهلوان آهن.


۽ جڏهن بني عمون ڏٺو تہ دائود اسان سان نفرت ٿو ڪري، تڏهن بني عمون ماڻهو موڪلي بيت رحوب جا ارامي، ۽ ضوباہ جا ارامي، ويهہ هزار پيادا، ۽ معڪہ جو بادشاهہ هڪ هزار ماڻهن سان، ۽ طوب جا ٻارهن هزار ماڻهو، اُجوري تي گهرائي ورتا.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ تنهنجي ئي گهر مان تو تي خرابي اُٿاريندس، ۽ تنهنجين اکين آڏو تنهنجون زالون وٺي تنهنجي پاڙيسريءَ کي ڏيندس، ۽ اُهو ڏينهن ڏٺي جو تنهنجي زالن سان سمهندو.


۽ يوندب چيس تہ تون پنهنجي هنڌ تي سمهي رهہ، ۽ ڪوڙ ڪري چئُہ تہ آءٌ بيمار آهيان: ۽ جڏهن تنهنجو پيءُ توکي ڏسڻ اچي تڏهن چئينس تہ ڀلائي ڪري منهنجي ڀيڻ تمر کي ڇڏ تہ اچي مون کي ماني کارائي، ۽ منهنجي ڏسندي کاڌو تيار ڪري تہ اهو آءٌ ڏسان، ۽ سندس هٿان کاوان.


پوءِ بادشاهہ نڪتو، ۽ سندس سارو گهراڻو سندس پٺيان لڳو. ۽ بادشاهہ گهر جي سنڀال لاءِ ڏهہ زالون ڇڏيون جي سريتون هيون.


تڏهن ابي سلوم، اخيتفل کي چيو تہ اوهين صلاح ڏيو تہ اسين ڇا ڪريون.


تڏهن حوسيءَ ابي سلوم کي چيو تہ هن ڀيري اخيتفل جيڪا صلاح ڏني آهي سا چڱي نہ آهي.


تنهنڪري هاڻي ڀلي تہ اوهان جا هٿ مضبوط ٿين، ۽ اوهين همت وارا ٿيو: ڇالاءِ جو اوهان جو ڌڻي سائول مري ويو آهي، ۽ يهوداہ جي گهراڻي بہ مون کي مسح ڪري پنهنجي مٿان بادشاهہ ڪيو آهي.


۽ دائود يروشلم ۾ پنهنجي گهر آيو؛ ۽ جيڪي ڏهہ زالون بادشاهہ جون سريتون هيون ۽ جن کي هو گهر جي سنڀال لاءِ ڇڏي ويو هو، تن کي هن کڻي بند ۾ وڌو، ۽ اتي کاڌو پهچائي پئي ڏنائين، پر ساڻن صحبت ڪانہ ٿي ڪيائين. انهيءَ طرح هو مرڻ جي ڏينهن تائين بند ٿيون پيون هيون، ۽ رناپڻ ۾ گذارينديون آيون.


۽ سليمان جي ساري حياتيءَ جي ڏينهن ۾ هو اسرائيل جو دشمن هو، ۽ هدد جيڪو نقصان رسايو هو سو انهيءَ کان سواءِ هو: ۽ هو اسرائيل کي ڌڪاريندو هو، ۽ ارام ۾ حڪومت ڪندو هو.


تڏهن هن چيو تہ ڀلائي ڪري سليمان بادشاهہ کي چئُہ (ڇالاءِ جو هو توکي انڪار نہ ڪندو) تہ هو مون کي ابي شاگ شونميت پرڻائي ڏئي.


۽ بادشاهہ سليمان پنهنجي ماءُ کي ورندي ڏيئي چيو تہ تون ابي شاگ شونميت ادونياہ جي لاءِ ڇو ٿي گهرين؟ هن جي لاءِ بادشاهي بہ گهر؛ ڇالاءِ جو هو منهنجو وڏو ڀاءُ آهي؛ بلڪ هن جي لاءِ، ۽ ابياتر ڪاهن جي لاءِ، ۽ يوآب بن ضروياہ جي لاءِ بہ.


تون پنهنجي پيءُ جي زال جو ننگ نہ کولج: اهو تنهنجي پيءُ جو ننگ آهي.


۽ جيڪو ماڻهو پنهنجي پيءُ جي زال سان سمهندو، تنهن پنهنجي پيءُ جو ننگ کوليو آهي: اهي ٻئي ضرور ماريا ويندا؛ انهن جو خون سندن گردن تي آهي.


اي يهوداہ ۽ اسرائيل جا گهراڻا، اوهين جي ٻين قومن ۾ لعنتي هئا، تن کي آءٌ بچائيندس، ۽ اوهين برڪت جو باعث ٿيندا: ڊڄو نہ، پر پنهنجا هٿ مضبوط ڪريو.


ايتري قدر بہ ٻُڌڻ ۾ ٿو اچي تہ اوهان ۾ زناڪاري آهي، ۽ زناڪاري بہ اهڙي جا غير قومن ۾ بہ ڪانهي؛ بلڪ اوهان مان هڪڙو تہ پنهنجي پيءُ جي زال ويهاريو ويٺو آهي.


۽ سڀني اسرائيلين اها خبر ٻڌي تہ سائول فلستين جي قلعي واري فوج کي ماريو آهي، ۽ اسرائيل ڏانهن فلستين کي نفرت آهي، ۽ ماڻهو سائول جي پٺيان جلجال ۾ اچي گڏ ٿيا.


۽ اڪيس دائود تي ويساهہ آندو، ۽ چيائين تہ هو پنهنجي قوم اسرائيل ۾ بلڪل نفرت جهڙو ٿي پيو آهي؛ تنهنڪري هو هميشہ جي لاءِ منهنجو ٻانهو ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ