20 تڏهن ابي سلوم، اخيتفل کي چيو تہ اوهين صلاح ڏيو تہ اسين ڇا ڪريون.
20 پوءِ ابيسلوم اخيتفل کي چيو تہ ”تون صلاح ڏي تہ اسين ڇا ڪريون؟“
۽ جڏهن ابي سلوم قربانيون پئي چاڙهيون تڏهن هن دائود جي صلاحڪار اخيتفل جلونيءَ کي سندس شهر مان، يعني جلوہ مان گهرايو. ۽ منصوبو وڌندو ويو؛ ڇالاءِ جو ماڻهن جو تعداد ابي سلوم وٽ وڌندو ويو.
۽ وري آءٌ ڪنهن جي خدمت ڪريان؟ آءٌ هن جي پٽ جي اڳيان خدمت نہ ڪريان ڇا؟ جيئن مون تنهنجي پيءُ جي اڳيان خدمت پي ڪئي آهي، تيئن آءٌ تنهنجي اڳيان بہ ڪندس.
۽ اخيتفل ابي سلوم کي چيو تہ تون پنهنجي پيءُ جي سريتن وٽ وڃ، جي هن گهر جي سنڀال لاءِ ڇڏيون آهن؛ ۽ سڀ اسرائيلي ٻڌندا تہ تنهنجي پيءُ کي توکان نفرت آهي: تڏهن جيڪي ماڻهو توسان آهن تن جا هٿ مضبوط ٿيندا:
خداوند ۽ سندس مسيح جي برخلاف زمين جا بادشاهہ کڙا ٿيا آهن، ۽ حاڪم پاڻ ۾ صلاح ڪري چون ٿا تہ،
تنهنڪري اچو تہ ساڻن هوشياريءَ سان هلون، متان اُهي اڃا بہ وڌي وڃن، ۽ پوءِ جڏهن ڪا جنگ لڳي، تڏهن اهي وڃي اسان جي دشمن سان گڏجن ۽ اسان سان وڙهن، ۽ هن ملڪ مان نڪري وڃن.
ڪابہ ڏاهپ، يا سمجهہ، يا صلاح مصلحت نہ آهي، جا خداوند جي برخلاف بيهي.
انهن تي افسوس آهي، جي پنهنجي مشورت خداوند کان لڪائڻ جي ڪوشش ٿا ڪن، ۽ جن جا ڪم اونداهيءَ ۾ ٿا ٿين، ۽ چون ٿا تہ ڪير اسان کي ڏسي ٿو؟ ڪير اسان کي سڃاڻي ٿو؟
گڏجي صلاح مصلحت ڪريو، پر اها ڪنهن ڪم جي نہ ٿيندي؛ ڪا ڳالهہ ڪريو پر اها بيهڪ نہ وٺندي: ڇالاءِ جو خدا اسان سان آهي.
هاڻي جڏهن صبح ٿيو، تڏهن سڀني سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن جي بزرگن يسوع کي ماري وجهڻ لاءِ سندس برخلاف صلاح مشورت ڪئي: