Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 16:2 - Sindhi Bible

2 ۽ بادشاهہ ضيبا کي چيو تہ انهن شين مان تنهنجو مطلب ڪهڙو آهي؟ ۽ ضيبا چيو تہ گڏهہ بادشاهہ جي گهر جي ڀاتين جي سواري لاءِ آهن، ۽ ماني ۽ آرڙهہ وارا ميوا جوان ماڻهن جي کائڻ لاءِ آهن؛ ۽ شراب انهيءَ لاءِ آهي تہ جيڪي بيابان ۾ ٿڪجي پون سي پيئن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 بادشاهہ ضيبا کان پڇيو تہ ”هي شيون ڇا جي لاءِ آهن؟“ ضيبا وراڻيو تہ ”گڏهہ بادشاهہ جي گھر جي ڀاتين جي سواريءَ لاءِ آهن، ماني ۽ تازا ميوا جوانن جي کائڻ لاءِ آهن ۽ مئي انهيءَ لاءِ آهي تہ جيڪي بيابان ۾ ٿڪجي پون سي پيئن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 16:2
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ابي ملڪ ابرهام کي چيو تہ هي ست گهيٽيون جي تو ڌار ڪيون آهن، تنهن جو ڪهڙو مطلب آهي؟


تڏهن هن چيو تہ هيءَ سڄي جماعت، جا مون کي اچي گڏي آهي، تنهن ۾ تنهنجو ڪهڙو مطلب آهي؟ هن چيو تہ انهيءَ لاءِ تہ مون تي منهنجي مالڪ جي مهربانيءَ جي نظر ٿئي.


۽ انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ ابي سلوم پنهنجي لاءِ گاڏي ۽ گهوڙا، ۽ پنجاهہ ماڻهو تيار ڪيا تہ هن جي اڳيان ڊوڙن.


۽ ساري ملڪ رڙيون ڪري رُنو ۽ ساري قوم لنگهي هلي: بادشاهہ بہ قدرون جي نهر لنگهيو ۽ سڀ ماڻهو بہ لنگهي بيابان جو رستو ڏئي هليا.


۽ ماکي، ۽ مکڻ، ۽ رڍون، ۽ ڳائو پنير، دائود جي، ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن جي کائڻ لاءِ کڻي آيا، ڇالاءِ جو هنن چيو تہ ماڻهو بيابان ۾ بکايل، ۽ ٿڪل، ۽ اُڃايل آهن.


تڏهن هن ورندي ڏني تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، منهنجي نوڪر مون سان ٺڳي ڪئي: ڇالاءِ جو تنهنجي ٻانهي چيو تہ آءٌ پنهنجي لاءِ گڏهہ ٿو پلاڻيان تہ انهيءَ تي چڙهي بادشاهہ سان وڃان؛ ڇالاءِ جو تنهنجو ٻانهو منڊو آهي.


۽ جڏهن تنهنجي قوم جا ماڻهو پڇن تہ انهن مان جيڪي تنهنجو مطلب آهي سو اسان کي ٻڌاءِ.


۽ انهيءَ کي ٽيهہ پٽ هئا، جي ٽيهن کودڙن تي چڙهندا هئا، ۽ انهن کي ٽيهہ شهر هئا، جي اڄ ڏينهن تائين حووت يائير سڏبا آهن، ۽ جلعاد جي ملڪ ۾ آهن.


اوهين جي اڇن گڏهن تي ٿا چڙهو، اوهين جي قيمتي غاليچن تي ٿا ويهو، ۽ اوهين جي رستي تي پنڌ هلو ٿا، سڀ انهيءَ جو ذڪر ڪريو.


تڏهن ماڻهن مان هڪڙي ورندي ڏئي چيو تہ تنهنجي پيءُ ماڻهن کي سخت قسم ڏنو هو ۽ چيو هئائين تہ جيڪو اڄ ڪجهہ بہ کائيندو تنهن تي لعنت هجي؛ ۽ ماڻهو ٿڪل هئا.


۽ هاڻي هي نذرانو، جو تنهنجي ٻانهيءَ پنهنجي ڌڻيءَ لاءِ آندو آهي، سو ڀلي تہ انهن جوان ماڻهن کي ڏنو وڃي، جي منهنجي ڌڻيءَ جي پٺيان ٿا هلن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ