Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 16:19 - Sindhi Bible

19 ۽ وري آءٌ ڪنهن جي خدمت ڪريان؟ آءٌ هن جي پٽ جي اڳيان خدمت نہ ڪريان ڇا؟ جيئن مون تنهنجي پيءُ جي اڳيان خدمت پي ڪئي آهي، تيئن آءٌ تنهنجي اڳيان بہ ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 ڀلا پنهنجي آقا جي پٽ کان سواءِ آءٌ ٻيو ڪنهن جي خدمت ڪريان؟ جيئن مون اوهان جي پيءُ جي اڳيان خدمت پئي ڪئي آهي، تيئن آءٌ اوهان جي اڳيان بہ ڪندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 16:19
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جي تون موٽي شهر ڏي ويندين، ۽ ابي سلوم کي چوندين تہ اي بادشاهہ، آءٌ تنهنجو ٻانهو ٿيندس؛ جيئن گذريل وقت ۾ آءٌ تنهنجي پيءُ جو ٻانهو ٿي رهيو آهيان، تيئن هاڻي آءٌ تنهنجو ٻانهو ٿيندس، تڏهن تون منهنجي خاطر اخيتفل جي مت منجهائيندين.


۽ حوسيءَ ابي سلوم کي چيو تہ ائين ناهي؛ آءٌ انهيءَ جو ٿيندس، ۽ انهي سان گڏ رهندس، جنهن کي خداوند، ۽ هيءَ قوم، ۽ اسرائيل جا سڀ ماڻهو پسند ڪندا.


تڏهن ابي سلوم، اخيتفل کي چيو تہ اوهين صلاح ڏيو تہ اسين ڇا ڪريون.


هن جي وات جون ڳالهيون تہ مکڻ جهڙيون ملائم هيون، پر سندس دل ۾ جنگ هئي: هن جون ڳالهيون تيل کان بہ سڻڀيون هيون، پر حقيقت ۾ اُگهاڙيون ترارون هيون.


۽ باقي ٻين يهودين بہ سندس جهڙو ڍونگ ڪيو، ايتري قدر جو خود برناباس بہ انهن جي چال ۾ ڦاسي ويو.


۽ دائود اڪيس کي چيو تہ پوءِ توکي معلوم ٿيندو تہ تنهنجو ٻانهو ڇا ڪندو. ۽ اڪيس دائود کي چيو تہ انهي ڪري آءٌ توکي هميشہ جي لاءِ پنهنجي جان جو سنڀاليندڙ ڪندس.


تڏهن دائود اڪيس کي چيو تہ مون ڇا ڪيو آهي؟ ۽ جيترو وقت آءٌ تو وٽ رهيو آهيان، اوتري وقت ۾ اڄ ڏينهن تائين تو پنهنجي ٻانهي ۾ ڇا ڏٺو آهي، جنهنڪري آءٌ پنهنجي ڌڻي بادشاهہ جي دشمنن سان نہ وڃي وڙهان؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ