Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 16:10 - Sindhi Bible

10 ۽ بادشاهہ چيو تہ اي ضروياہ جا پٽ، منهنجو اوهان سان ڇا وڃي؟ هو لعنت انهيءَ ڪري ٿو ڪري جو خداوند هن کي چيو آهي تہ دائود تي لعنت ڪر؛ تڏهن ڪير چوندو تہ تو ڇو هيئن ڪيو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 پر بادشاهہ ابي‌شيءَ ۽ سندس ڀاءُ يوآب کي چيو تہ ”اي ضروياہ جا فرزندؤ! انهيءَ ڳالهہ ۾ اوهان جو ڇا وڃي؟ هو لعنت انهيءَ ڪري ٿو ڪري جو خداوند هن کي چيو آهي تہ ’دائود تي لعنت ڪر.‘ تڏهن پوءِ ڪير آهي جو هن کي چوي تہ ’ائين ڇو ٿو ڪرين؟‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 16:10
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

باقي اوهان برابر مون سان برائي ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پر خدا کي انهيءَ مان ڀلائي ڪرڻي هئي، ۽ ائين ئي ڪرڻو هوس، جيئن اڄ ٿيو آهي، جو گهڻن ماڻهن جي حياتي بچي پيئي.


تڏهن دائود چيو تہ اي ضروياہ جا پٽ، منهنجو اوهان سان ڇا وڃي، جو اوهين اڄ منهنجا مخالف ٿيو؟ اڄوڪي ڏينهن اسرائيل ۾ ڪو ماڻهو قتل ڪبو ڇا؟ ڇالاءِ جو آءٌ نٿو ڄاڻان ڇا تہ اڄ آءٌ اسرائيل جي مٿان بادشاهہ آهيان؟


۽ بادشاهہ سمعيءَ کي چيو تہ تون نہ مرندين. ۽ بادشاهہ ساڻس قسم کنيو.


۽ آءٌ اڄوڪي ڏينهن، جيتوڻيڪ مسح ڪيل بادشاهہ آهيان، تہ بہ ضعيف آهيان؛ هي ماڻهو، ضروياہ جا پٽ مون کان ڏاڍا آهن: خداوند شل شرير کي سندس شرارت موجب بدلو ڏئي.


۽ هن زال ايلياہ کي چيو تہ، اي خدا جا ٻانها منهنجو توسان ڪهڙو ڪم آهي؟ تون مون وٽ انهيءَ لاءِ آيو آهين ڇا تہ منهنجو گناهہ ياد ڏيارين ۽ منهنجو پٽ مارين!


تنهن کان سواءِ تون اهو بہ ڄاڻين ٿو تہ يوآب بن ضروياہ مون سان ڇا ڪيو، يعني اسرائيل جي لشڪرن جي ٻن سردارن ابنير بن نير، ۽ عماسا بن يتر سان ڇا ڪيائين؛ جن کي هن ڪُٺو، ۽ صلح جي وقت جنگ وارو رت وهايائين، ۽ جنگ وارو رت پنهنجي چيلهہ تي ٻڌل ڪمربند تي، ۽ پنهنجن پيرن ۾ پيل جُتيءَ تي وڌائين.


آءٌ ڪو خداوند کان سواءِ هن هنڌ کي چٽ ڪرڻ لاءِ ڪاهي آيو آهيان ڇا؟ خداوند مون کي چيو تہ هن ملڪ تي ڪاهي وڃي انهيءَ کي ناس ڪر.


ڏس، هو شڪار پڪڙي ٿو، ڪير هن کي روڪيندو؟ ڪير هن کي چوندو تہ تون ڇا ٿو ڪرين؟


آءٌ گونگو ٿي رهيس، مون پنهنجو وات نہ پٽيو؛ ڇو جو تو ئي ائين ڪيو آهي.


ڇالاءِ جو بادشاهہ جي حڪم کي طاقت آهي؛ ۽ ڪير هن کي چئي سگهندو تہ تون هي ڇا ٿو ڪرين؟


اُهو ڪير آهي جو چوي ٿو تہ ائين ٿئي ٿو، جڏهن خداوند اهڙو ڪم نٿو ڪري؟


۽ زمين جا سڀ رهاڪو شمار ۾ ڪي ڪين آهن: ۽ هو آسمان جي لشڪر ۾، ۽ زمين جي ماڻهن ۾، جيئن وڻيس ٿو تيئن ڪري ٿو: ۽ ڪوبہ هن جي هٿ کي روڪي نٿو سگهي، يا هن کي چئي نٿو سگهي تہ تون ڇا ٿو ڪرين.


پر هن ڦري پطرس کي چيو تہ اي شيطان، منهنجي اڳيان ٽر: تون مون کي گمراهہ ٿو ڪرين: ڇالاءِ جو توکي خدا جي ڳالهين جو فڪر ڪونهي، پر فقط ماڻهن جو فڪر اٿيئي.


۽ ڏسو، هو رڙ ڪري چوڻ لڳا تہ اي ابنِ خدا، اسان جو تو سان ڪهڙو واسطو؟ تون وقت کان اڳي اسان کي عذاب ڏيڻ آيو آهين ڇا؟


تڏهن يسوع پطرس کي چيو، تہ ترار ورائي کپ ۾ وجهہ: پيالو جو پيءُ مون کي ڏنو آهي، سو آئون نہ پيان ڇا؟


اي انسان، ڀلا تون ڪير آهين جو خدا جي سامهون جواب ٿو ڏين؟ جڙيل شيءِ ڪا جوڙيندڙ کي چوندي ڇا تہ تو مون کي ههڙو ڇو جوڙيو؟


هن گاريون کاڌيون، پر موٽائي گار نہ ڏنائين؛ هن ڏک سَٺو پر ڪنهن کي بہ ڌمڪايائين ڪين؛ بلڪ پاڻ کي سچي انصاف ڪرڻ واري جي حوالي ڪيائين.


تنهنڪري هاڻي آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو ڌڻي بادشاهہ پنهنجي ٻانهي جي ڳالهہ ٻڌي. جيڪڏهن خداوند توکي چوري منهنجي برخلاف ڪيو آهي، تہ هڪڙو نذرانو قبول ڪر: پر جي اُهو انسان جو ڪم هجي تہ شل اُهي خداوند جي اڳيان لعنتي ٿين: ڇالاءِ جو اُنهن اڄ مون کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو آهي، انهي لاءِ تہ منهنجو خداوند جي ميراث ۾ ڪو حصو نہ رهي، ۽ مون کي چون ٿا تہ وڃ وڃي ٻين معبودن جي عبادت ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ