Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 16:1 - Sindhi Bible

1 ۽ جڏهن دائود چاڙهيءَ جي چوٽيءَ تان ٿورو اڳتي هليو، تڏهن ڏس، مفيبوست جو ٻانهو ضيبا ٻن زين پيلن گڏهن سان هن کي گڏيو، ۽ انهن تي ٻہ سؤ مانيون، ۽ هڪ سؤ ڪشمش جا ڇڳا، ۽ هڪ سؤ آرڙهہ جا ميوا، ۽ هڪڙي سانداري شراب جي رکيل هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 جڏهن دائود جبل جي چوٽيءَ تان ٿورو اڳتي وڌيو، تڏهن مفيبوست جو ٻانهو ضيبا ساڻس اچي مليو. ضيبا سان گڏ ٻہ زين پيل گڏهہ هئا، جن تي ٻہ سؤ مانيون، هڪ سؤ ڪشمش جا ڇڳا، هڪ سؤ تازا ميوا ۽ هڪڙي سانداري مئي جي رکيل هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 16:1
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود زيتونن جي جبل واريءَ چاڙهيءَ تي چڙهي ويو، ۽ چڙهندي روئندو ويو؛ ۽ سندس مٿو ڍڪيل ۽ پير اُگهاڙا هئا: ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن سڀني جا مٿا ڍڪيل هئا ۽ اهي مٿي چڙهندي روئندا هليا.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود چاڙهيءَ جي چوٽيءَ تي آيو، جتي خدا جي عبادت ڪندا هئا، تڏهن ڏس، حوسي ارڪي ڦاٽل ڪپڙن سان، مٿي ۾ مٽي وجهي هن کي گڏجڻ آيو:


۽ انهيءَ سان هزار بنيمين جا ماڻهو، ۽ سائول جي گهراڻي جا نوڪر ضيبا، ۽ سندس پندرهن پٽ، ۽ ويهہ ٻانها گڏ هئا، ۽ اهي بادشاهہ جي اڳيان يردن لنگهيا.


هاڻي برزلي هڪڙو تمام ٻڍو ماڻهو هو، ۽ اسي ورهين جي عمر جو هو: ۽ جڏهن بادشاهہ محنايم ۾ هو تڏهن هن کي سرسات موجود ڪري ڏني هئائين: ڇالاءِ جو هو تمام وڏو ماڻهو هو.


تنهن کان سواءِ جيڪي انهن کي ويجها هئا يعني تہ اشڪار ۽ زبولون ۽ نفتالي تن بہ مانيون گڏهن ۽ اُٺن ۽ خچرن ۽ ڏاندن تي آنديون، يعني اٽي جا طعام، انجيرن جون ٽڪيون، ۽ ڪشمش جا ڇڳا، ۽ شراب، ۽ تيل، ۽ ڏاند، ۽ رڍون، جي بيشمار هيون: ڇالاءِ جو اسرائيل ۾ خوشي هئي.


ماڻهوءَ جو تحفو هن جي لاءِ جاءِ ڪري ٿو، ۽ هن کي وڏن ماڻهن جي اڳيان آڻي ٿو.


باقي آءٌ، سو ڏسو، مصفاہ ۾ رهندس، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي ڪسدي اسان وٽ ايندا انهن جي اڳيان بيهان: پر اوهين شراب، ۽ گرميءَ جا ميوا، ۽ تيل گڏ ڪريو، ۽ اُهي پنهنجن ٿانوَن ۾ وجهو، ۽ جي شهر اوهان ورتا آهن تن ۾ رهو.


تڏهن سڀ يهودي جتي جتي هڪالجي ويا هئا اُتان موٽي يهوداہ جي ملڪ ۾ جدلياہ وٽ مصفاہ ۾ آيا، ۽ شراب، ۽ گرميءَ وارا ميوا بي انداز گڏ ڪرڻ لڳا.


خداوند خدا مون کي هن طرح ڏيکاريو، ۽ مون ڏٺو تہ گرميءَ جي موسم جي ميوي جي هڪڙي ٽوڪري آهي.


مون تي افسوس! ڇالاءِ جو منهنجو حال اهڙو آهي جهڙو گرميءَ جي ميوي گڏ ڪرڻ کانپوءِ ٿيندو آهي: ڪوبہ ڇڳو کائڻ لاءِ ڪونهي؛ منهنجي روح کي پهرئين پڪل انجير جي خواهش آهي.


تڏهن تون اُتان اڳتي وڃي تبور جي شاهہ بلوط وٽ ايندين، ۽ اُتي توکي ٽي ماڻهو بيت ايل ڏانهن مٿي چڙهندا خدا وٽ ويندا ملندا، هڪڙو ٽي ڇيلا کنيو ويندو، ۽ ٻيو ٽي نان کنيو ويندو، ۽ ٽيون شراب جي سانداري کنيو ويندو:


تڏهن يسيءَ هڪڙي گڏهہ تي مانيون ۽ شراب جي سانداري، ۽ هڪ ڇيلو رکي، پنهنجي پٽ دائود جي هٿان سائول ڏي ڏياري موڪليو.


تڏهن ابيجيل تڪڙي ٿي ٻہ سؤ مانيون، ۽ ٻہ شراب جون سانداريون، ۽ پنج رڍون پڪل ۽ تيار ٿيل، ۽ پنج ڀُڳل اَن جا ماڻ، ۽ هڪ سؤ ڪشمش جا ڇڳا، ۽ ٻہ سؤ انجيرن جون ٽڪيون کڻي گڏهن تي رکيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ