Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 15:8 - Sindhi Bible

8 ڇالاءِ جو جڏهن آءٌ ارام ملڪ ۾ جسور منجهہ رهندو هوس، تڏهن تنهنجي ٻانهي هڪڙي مڃتا مڃي هئي، ۽ چيو هئائين تہ جيڪڏهن خداوند مون کي کڻي وري يروشلم ۾ آندو تہ آءٌ خداوند جي عبادت ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 جڏهن آءٌ ارام ملڪ جي جسُور شهر ۾ رهندو هئس، تڏهن اوهان جي ٻانهي هڪڙي باس باسي هئي تہ جيڪڏهن خداوند مون کي وري يروشلم ۾ پهچائيندو تہ آءٌ خداوند جي عبادت ڪندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 15:8
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يوآب اُٿيو ۽ جسور ڏي ويو، ۽ ابي سلوم کي يروشلم ۾ وٺي آيو.


۽ ابي سلوم يوآب کي ورندي ڏئي چيو تہ ڏس مون تو ڏي چوائي موڪليو تہ مون وٽ اچ تہ آءٌ توکي بادشاهہ ڏي موڪليان، ۽ چوائي موڪليان تہ آءٌ جسور کان ڇو آيو آهيان؟ اڃا تائين اُتي هجان ها تہ چڱو هو: تنهنڪري هاڻي مون کي بادشاهہ جو منهن ڏسڻ ڏي؛ ۽ جيڪڏهن منهنجو ڪو قصور هجي تہ ڀلي هو مون کي ماري.


تڏهن بادشاهہ هن کي چيو تہ ڀلي تہ سلامت هليو وڃ. ان موجب هو اُٿيو، ۽ حبرون ڏي ويو.


۽ هن جو ٻيو پٽ ڪلياب هو، جو ابيجيل مان هو، جا اڳي نابال ڪرمليءَ جي زال هئي: ۽ ٽيون ابيسلوم هو، جو معڪہ جو پٽ هو، جا جسور جي بادشاهہ تلميءَ جي ڌيءَ هئي:


اي خدا مون تنهنجون مڃتائون مڃيون آهن: آءٌ تنهنجي حضور ۾ شڪرگذاريءَ جون قربانيون چاڙهيندس.


جڏهن تون خدا جي اڳيان ڪا مڃتا مڃين، تڏهن انجي پوري ڪرڻ ۾ دير نہ ڪر؛ جيڪا مڃتا مڃين اُها پوري ڪر، ڇالاءِ جو هو بي عقلن مان خوش نٿو رهي.


ڇالاءِ جو اوهان چيو آهي تہ اسان موت سان عهد اقرار ڪيو آهي، ۽ دوزخ سان اسان جو انجام آهي؛ جڏهن سزا جي اُٿل ٿيندي، تڏهن اها اسان ڏانهن نہ ايندي؛ ڇالاءِ جو اسان ڪوڙ کي پنهنجي پناهہ ڪيو آهي، ۽ دغا هيٺ اسان پاڻ کي لڪايو آهي:


ڇالاءِ جو اوهان خود پنهنجن دلين ۾ دغابازي ڪئي آهي؛ جو اوهان مون کي خداوند پنهنجي خدا ڏي، هيئن چئي موڪليو تہ خداوند اسان جي خدا کان اسان جي لاءِ دعا گهر؛ ۽ جيڪي خداوند اسان جو خدا فرمائي ان موجب اسان کي خبر ڏي تہ اسين ائين ڪريون:


۽ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي خراب نظر ۾ اچي، تہ اڄوڪي ڏينهن فيصلو ڪريو تہ ڪنهن جي عبادت ڪرڻ گهرو ٿا: اُهي معبود جن جي عبادت اوهان جا ابا ڏاڏا نديءَ جي هن ڀر ڪندا هئا، يا امورين جا معبود جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا: پر آءٌ ۽ منهنجو گهراڻو، اسين خداوند جي عبادت ڪنداسين.


۽ مڃتا مڃيائين ۽ چيائين، تہ اي لشڪرن جا خداوند، جيڪڏهن تون سچ پچ پنهنجي ٻانهيءَ جي مصيبت تي نظر ڪندين، ۽ مون کي ياد ڪندين، ۽ پنهنجي ٻانهيءَ کي وساري نہ ڇڏيندين، پر پنهنجي ٻانهيءَ کي هڪڙو پٽ ڏيندين، تہ انهي کي آءٌ سندس ساري ڄمار تائين خداوند جي لاءِ نذر ڪنديس، ۽ انهي جي مٿي تي اصل پاڪي نہ گهمندي.


۽ سموئيل چيو تہ آءٌ ڪيئن وڃي سگهندس؟ جڏهن سائول اها ڳالهہ ٻڌندو تہ مون کي ماري ڇڏيندو. ۽ خداوند چيو تہ هڪڙي گابي پاڻ سان کڻ، ۽ چئُہ تہ آءٌ خداوند جي لاءِ قرباني ڪرڻ آيو آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ