Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 15:36 - Sindhi Bible

36 ڏس، اتي هنن سان سندن ٻہ پٽ، اخيمعض، صدوق جو پٽ، ۽ يونتن، ابياتر جو پٽ آهن؛ ۽ انهن جي هٿان جيڪا ڳالهہ اوهين ٻڌو سا مون ڏي چوائي موڪلجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

36 اتي هنن سان سندن ٻہ پٽ بہ گڏ آهن، هڪڙو اخيمعض ولد صدوق ۽ ٻيو يونتن ولد ابي‌ياتر. سو جيڪا بہ ڳالهہ اوهين ٻڌو، سا انهن جي هٿان مون ڏانهن چوائي موڪلجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 15:36
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاهہ صدوق ڪاهن کي هيترو بہ چيو تہ تون غيب ڏسندڙ ناهين ڇا؟ سلامتيءَ سان شهر ۾ موٽي وڃ، ۽ پاڻ سان پنهنجا ٻئي پٽ، اخيمعض تنهنجو پٽ، ۽ يونتن ابياتر جو پٽ، وٺي وڃ.


تڏهن حوسيءَ، صدوق ۽ ابياتر ڪاهنن کي چيو، تہ اخيتفل، ابي سلوم ۽ اسرائيل جي بزرگن کي هيءَ ڪ هيءَ صلاح ڏني آهي. ۽ مون فلاڻي صلاح ڏني آهي.


هاڻي يونتن ۽ اخيمعض عين راجل جي ويجهو رهيا پيا هئا؛ ۽ هڪڙي نوڪرياڻي وڃي انهن کي خبرچار ڏيندي هئي؛ ۽ اهي وڃي اها بادشاهہ کي ٻڌائيندا هئا: انهيءَ لاءِ تہ ڪو هنن کي شهر ۾ ايندو نہ ڏسي.


اڃا هن ايترو ڳالهايو تہ ڏسي تہ يونتن بن ابياتر ڪاهن اچي نڪتو: ۽ ادونياہ چيس تہ لنگهي اچ؛ ڇالاءِ جو تون لائق ماڻهو آهين، ۽ خوشخبري ٿو آڻين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ