Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 15:34 - Sindhi Bible

34 پر جي تون موٽي شهر ڏي ويندين، ۽ ابي سلوم کي چوندين تہ اي بادشاهہ، آءٌ تنهنجو ٻانهو ٿيندس؛ جيئن گذريل وقت ۾ آءٌ تنهنجي پيءُ جو ٻانهو ٿي رهيو آهيان، تيئن هاڻي آءٌ تنهنجو ٻانهو ٿيندس، تڏهن تون منهنجي خاطر اخيتفل جي مت منجهائيندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 پر جيڪڏهن تون موٽي شهر ڏانهن ويندين ۽ وڃي ابي‌سلوم کي چوندين تہ ’اي بادشاهہ! آءٌ اوهان جو ٻانهو آهيان، گذريل وقت ۾ جيئن آءٌ اوهان جي پيءُ جو ٻانهو ٿي رهيو آهيان، تيئن هاڻي آءٌ اوهان جو ٻانهو ٿي رهندس،‘ تڏهن تون اخيتفل جي صلاح مصلحت کي رد ڪري منهنجي مدد ڪري سگھندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 15:34
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن صورت ۾ تون اڃا ڪالهہ ئي آيو آهين تڏهن اڄ توکي آءٌ پاڻ سان هيڏي هوڏي ڇو رُلايان؟ ڇالاءِ جو آءٌ جيڏي وڃي سگهندس اوڏي ويندس: تون موٽي وڃ، ۽ پنهنجي ڀائرن کي بہ موٽائي وٺيو وڃ؛ شل رحم ۽ سچ توسان هجي.


ڏسو آئون اوهان کي رڍن وانگر بگهڙن منجهہ ٿو موڪليان، تنهنڪري اوهين سپن وانگر سياڻا، ۽ ڪبوترن وانگر غريب ٿجو.


۽ تون عئي ۽ ان جي بادشاهہ سان بہ ائين ڪج جيئن يريحو، ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو هوءِ: رڳو انهي جي لٽ جو مال، ۽ چوپايو مال پنهنجي لاءِ غنيمت ڄاڻي وٺجو: ۽ شهر جي قبضي لاءِ انهيءَ جي پٺيان لڪي ويهي رهجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ