Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 15:32 - Sindhi Bible

32 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود چاڙهيءَ جي چوٽيءَ تي آيو، جتي خدا جي عبادت ڪندا هئا، تڏهن ڏس، حوسي ارڪي ڦاٽل ڪپڙن سان، مٿي ۾ مٽي وجهي هن کي گڏجڻ آيو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 پوءِ جڏهن دائود جبل جي چوٽيءَ تي اچي پهتو، جتي خدا جي عبادت ڪئي ويندي هئي، تڏهن ڏٺائين تہ ارڪي قبيلي وارو سندس دوست حوسي ڦاٽل ڪپڙن سان، مٿي ۾ مٽي وجھي ساڻس گڏجڻ لاءِ اچي پهتو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 15:32
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ٽئين ڏينهن هڪڙو ماڻهو سائول جي لشڪرگاهہ مان ڦاٽل ڪپڙن سان مٽي مٿي تي وجهي اُتي آيو: ۽ جڏهن هو دائود وٽ پهتو تڏهن زمين تي ڪري هن کي سجدو ڪيائين.


۽ تمر پنهنجي مٿي تي خاڪ وڌي، ۽ جيڪي رنگين ڪپڙا پيل هئس سي ڦاڙي ڇڏيائين؛ پوءِ پنهنجو هٿ مٿي تي رکي رستو وٺي هلي وئي، ۽ وڏي سڏ دانهون ڪندي وئي.


۽ دائود زيتونن جي جبل واريءَ چاڙهيءَ تي چڙهي ويو، ۽ چڙهندي روئندو ويو؛ ۽ سندس مٿو ڍڪيل ۽ پير اُگهاڙا هئا: ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن سڀني جا مٿا ڍڪيل هئا ۽ اهي مٿي چڙهندي روئندا هليا.


۽ جڏهن دائود چاڙهيءَ جي چوٽيءَ تان ٿورو اڳتي هليو، تڏهن ڏس، مفيبوست جو ٻانهو ضيبا ٻن زين پيلن گڏهن سان هن کي گڏيو، ۽ انهن تي ٻہ سؤ مانيون، ۽ هڪ سؤ ڪشمش جا ڇڳا، ۽ هڪ سؤ آرڙهہ جا ميوا، ۽ هڪڙي سانداري شراب جي رکيل هئي.


۽ ابي سلوم ۽ اسرائيل جا سڀ ماڻهو، يروشلم ۾ آيا، ۽ اخيتفل بہ ساڻس هو.


تڏهن ابي سلوم چيو تہ هاڻي ارڪي حوسيءَ کي بہ سڏيو، تہ هن جي بہ ٻڌون تہ ڇا ٿو چوي.


تڏهن سليمان يروشلم جي اڳيان جيڪو جبل آهي، تنهن ۾ موآب جي بت ڪموس لاءِ، ۽ بني عمون جي بت مولڪ لاءِ، هڪڙي مٿانهين جاءِ جوڙائي.


۽ اخيتفل بادشاهہ جو مشير هو، ۽ حوسي ارڪي بادشاهہ جو دوست هو:


اي خداوند، اُٿ، اي منهنجا خدا مون کي بچاءِ؛ ڇالاءِ جو تو منهنجن سڀني دشمنن جي ڳلن تي لپاٽون هنيون آهن؛ ۽ بڇڙن جا ڏند ڀڃي ڇڏيا اٿيئي.


مصيبت جي ڏينهن مونکي پڪار، آءٌ توکي ڇڏائيندس، ۽ تون منهنجو جلال ظاهر ڪندين.


هو مون کي پڪاريندو ۽ آءٌ کيس جواب ڏيندس؛ مصيبت جي وقت آءٌ سندس ساڻي ٿيندس: آءٌ کيس ڇڏائيندس، ۽ کيس عزت ڏيندس.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو زيتون واري ٽڪر وٽ، بيت فگا ۽ بيت عنياہ جي ويجهو آيو، تڏهن ٻن شاگردن کي موڪلي چيائين تہ


۽ بيت ايل مان هلي لوز ڏانهن ٿو وڃي، ۽ ارڪين جي سرحد سان لنگهي عطاراٿ ڏانهن ٿو وڃي؛


۽ لشڪرن مان هڪڙو بنيمين جو ماڻهو اُنهي ڏينهن ڊوڙي سيلا ۾ آيو، جنهن جا ڪپڙا ڦاٽا پيا هئا، ۽ مٽي مٿي تي پيئي هيس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ