Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 15:31 - Sindhi Bible

31 ۽ هڪڙي ماڻهوءَ دائود کي چيو تہ اخيتفل ابي سلوم سان منصوبو ڪندڙن مان آهي. ۽ دائود چيو، تہ اي خداوند، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ اخيتفل جي مشورت بدلائي بي عقلي ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 جڏهن دائود کي ٻڌايو ويو تہ اخيتفل ابي‌سلوم سان گڏ بغاوت ۾ شامل هو، تڏهن هن دعا گھري تہ ”اي خداوند! آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ اخيتفل جي صلاح مصلحت کي بيعقليءَ ۾ بدلاءِ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 15:31
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن ابي سلوم قربانيون پئي چاڙهيون تڏهن هن دائود جي صلاحڪار اخيتفل جلونيءَ کي سندس شهر مان، يعني جلوہ مان گهرايو. ۽ منصوبو وڌندو ويو؛ ڇالاءِ جو ماڻهن جو تعداد ابي سلوم وٽ وڌندو ويو.


انهن ڏينهن ۾ اخيتفل جيڪا صلاح ڏيندو هو سا اهڙي هوندي هئي جهڙي ڪو ماڻهو خدا جي ڪلام کان پڇي: اخيتفل جي سڀڪا صلاح دائود جي برخلاف ابي سلوم جي لاءِ اهڙي ئي هوندي هئي.


تڏهن ابي سلوم ۽ اسرائيل جي سڀني ماڻهن چيو تہ حوسي ارڪي جي صلاح اخيتفل جي صلاح کان بهتر آهي. ڇالاءِ جو خداوند اهو ارادو ڪيو هو تہ اخيتفل جي چڱي صلاح بہ اجائي ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ هو ابي سلوم تي خرابي آڻي.


۽ جڏهن اخيتفل ڏٺو تہ سندس صلاح تي نہ هليا آهن، تڏهن هن پنهنجي گڏهہ تي هنو رکيو، ۽ اُٿي پنهنجي شهر ڏي ويو، ۽ وڃي گهر پهتو، ۽ پنهنجي گهر جو بندوبست ڪري پاڻ کي ڦاسي ڏئي لڙڪائي ڇڏيائين؛ ۽ هو مري ويو، ۽ پنهنجي پيءُ جي قبر ۾ دفن ڪيو ويو.


تڏهن ابي سلوم چيو تہ هاڻي ارڪي حوسيءَ کي بہ سڏيو، تہ هن جي بہ ٻڌون تہ ڇا ٿو چوي.


تڏهن حوسيءَ ابي سلوم کي چيو تہ هن ڀيري اخيتفل جيڪا صلاح ڏني آهي سا چڱي نہ آهي.


هو ٺڳن جون رٿون برباد ڪري ڇڏي ٿو، جنهن ڪري هنن جا هٿ پنهنجا رٿيل ڪم ڪري نٿا سگهن.


اهي عداوت جي ڳالهين سان مون کي ويڙهي ويا آهن، ۽ بي سبب مون سان وڙهيا آهن.


اي خداوند، منهنجا دشمن ڪيئن نہ وڌي ويا آهن! ۽ جيڪي منهنجي برخلاف اُٿيا آهن، سي گهڻا ئي آهن.


منهنجو گهرو دوست، جنهن تي منهنجو ڀروسو هو، ۽ جنهن منهنجي ماني کاڌي، تنهن منهنجي برخلاف لت کنئي آهي.


هو رات ڏينهن انهي جي ڀتين تي پيا گهمن: ۽ اُنهيءَ ۾ بڇڙائي ۽ ٺڳي بہ موجود آهي.


جنهن مون کي طعنا هنيا سو دشمن ڪونہ هو: هوند آءٌ اهو سهي وڃان ها: ۽ جنهن پاڻ کي منهنجي برخلاف پڏايو تنهن کي مون سان دشمني ڪانہ هئي؛ هوند ۽ آءٌ پاڻ کي انهي کان لڪايان ها.


۽ مصر جو روح ان جي اندر ۾ نابود ڪيو ويندو؛ ۽ ان جي صلاح مصلحت ناس ڪري ڇڏيندس: ۽ هو بتن کي، ۽ منڊ هڻڻ وارن کي، ۽ جناين کي، ۽ ڏائڻن کي ڳوليندا وتندا.


جو ڪوڙن جا نشان اجايا ٿو ٺهرائي، ۽ فال وجهڻ وارن کي چريو ٿو ڪري، جو سياڻن کي رد ٿو ڪري، ۽ انهن جي علم کي بيوقوفيءَ جهڙو ٿو ڪري.


آئون اوهان سڀني جي ڳالهہ نٿو ڪريان: جن کي مون چونڊيو آهي تن جي مون کي خبر آهي: پر هيءُ انهي لاءِ، تہ اُها پاڪ لکيت پوري ٿئي تہ ”جو منهنجي ماني ٿو کائي، تنهن ئي مون تي لت کنئي.“


ڪٿي آهي ڏاهو؟ ڪٿي آهي عالم؟ ڪٿي آهي جهان جو بحث ڪندڙ؟ خدا جهان جي ڏاهپ کي بيوَقوفي ڪري نہ ڇڏيو آهي ڇا؟


هيءَ اُها ڏاهپ نہ آهي جا مٿان ٿي اچي، پر دنيوي ۽ جسماني ۽ شيطاني آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ