Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 15:30 - Sindhi Bible

30 ۽ دائود زيتونن جي جبل واريءَ چاڙهيءَ تي چڙهي ويو، ۽ چڙهندي روئندو ويو؛ ۽ سندس مٿو ڍڪيل ۽ پير اُگهاڙا هئا: ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن سڀني جا مٿا ڍڪيل هئا ۽ اهي مٿي چڙهندي روئندا هليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 پر دائود زيتون جي ٽڪر واري چاڙهيءَ تي چڙهي ويو. هو مٿي چڙهندي روئندو ٿي ويو. ڏک وچان سندس مٿو ڍڪيل ۽ پير اگھاڙا هئا. جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا، تن جا بہ مٿا ڍڪيل هئا ۽ اهي بہ مٿي چڙهندي روئندا ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 15:30
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري صدوق ۽ ابياتر خدا جي صندوق کڻي وري يروشلم ڏي ويا: ۽ هو اتي رهڻ لڳا.


۽ بادشاهہ پنهنجو منهن ڍڪي رڙيون ڪري پئي چيو تہ، هاءِ ابي سلوم منهنجا پٽ، هاءِ ابي سلوم، منهنجا پٽ، منهنجا پٽ!


تڏهن يوآب بادشاهہ جي گهر گهڙي آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ جن تنهنجن ٻانهن اڄ تنهنجي حياتي، ۽ تنهنجن پٽن، ۽ تنهنجين ڌيئرن جون حياتيون، ۽ تنهنجين زالن، ۽ تنهنجين سريتن جون حياتيون بچايون آهن، تن سڀني جا منهن تو اڄ شرمندا ڪيا آهن؛


۽ مردڪئي وري بہ بادشاهہ جي در تي آيو. پر هامان تڪڙو ٿي ڏک ۾ مٿو ڍڪي گهر هليو ويو.


منهنجا لڙڪ ڏينهن رات منهنجو کاڌو ٿي رهيا آهن، ۽ هو مون کي سڄو ڏينهن پيا چون تہ تنهنجو خدا ڪٿي آهي؟


اي منهنجي جان تون ڇو ڍرڪي پيئي آهين؟ ۽ تون اندر ۾ ڇو اهڙي بي آرام آهين؟ خدا ۾ اميد رک: آءٌ اڃا بہ سندس تعريف ڪندس، هو منهنجي چهري جي رونق ۽ منهنجو خدا آهي.


آهون ڀر، پر آهستي؛ مُئل جي لاءِ ماتم اصل نہ ڪر، پنهنجي مٿي تي پٽڪو ٻڌ ۽ پيرن ۾ جُتي پاءِ، ۽ پنهنجا چپ نہ ڍڪ، ۽ سوءَ جي ماني نہ کاءُ.


اوهان جا پٽڪا اوهانجن مٿن تي هوندا، ۽ اوهان جون جُتيون اوهانجن پيرن ۾ هونديون: اوهين نہ روئندا نہ رڙندا، پر اوهين پنهنجين بدڪارين جي ڪري ڳڻتيءَ ۾ ڳري ويندا، ۽ هڪ ٻئي سان ڏک سور اوريندا.


۽ انهيءَ ڏينهن هو زيتون جي جبل تي، جو يروشلم جي اڳيان اڀرندي ڏانهن آهي، ان تي اُٿي بيهندو، ۽ زيتون جو جبل وچ مان ڦاٽي پوندو، ۽ انهيءَ ۾ اُڀرندي کان اُلهندي تائين هڪڙي وڏي وادي ٿي پوندي، ڇو جو اڌ جبل اُتر ڏانهن ۽ اڌ ڏکڻ ڏانهن کڄي ويندو.


مبارڪ آهن اُهي جي غمگين آهن، ڇالاءِ جو اُنهن کي تسلي ملندي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو زيتون واري ٽڪر وٽ، بيت فگا ۽ بيت عنياہ جي ويجهو آيو، تڏهن ٻن شاگردن کي موڪلي چيائين تہ


۽ جڏهن هو زيتونن جي ٽڪر جي لاهيءَ جي ويجهو ويو، تڏهن شاگردن جي سڄي جماعت، جيڪي معجزا ڏٺا هئائون، تن سڀني جي ڪري خوشيءَ ۾ ڀرجي، وڏي آواز سان خدا جي واکاڻ ڪري چوڻ لڳي تہ،


پوءِ جڏهن ويجهو آيو، تڏهن شهر ڏسي مٿس بيهي رنائين.


۽ هو روز ڏينهن جو هيڪل ۾ تعليم ڏيندو هو، ۽ رات جو ٻاهر نڪري زيتون جي ٽڪر تي وڃي ٽڪندو هو.


پوءِ هو ٻاهر نڪري آيو، ۽ پنهنجي دستور موجب زيتون واري ٽڪر تي ويو، ۽ شاگرد بہ پٺيانئس ويا.


تڏهن هو زيتون نالي ٽڪر، جو يروشلم جي ويجهو آهي ۽ هڪ سبت جي ڏينهن جيترو پنڌ آهي، تنهن تان موٽي يروشلم ۾ آيا.


جيڪي خوشي ڪن تن سان خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان روئو.


۽ جي هڪڙي عضوي کي ايذاءُ ٿو رسي، تہ سڀني عضون کي انهي سان گڏ ايذاءُ ٿو رسي، يا جي هڪڙي عضوي کي عزت ٿي ملي، تہ سڀني عضون کي انهي سان گڏ خوشي ٿي ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ