Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 15:3 - Sindhi Bible

3 تڏهن ابي سلوم انهيءَ کي چوندو هو تہ ڏس، تنهنجون ڳالهيون چڱيون ۽ برابر آهن؛ پر بادشاهہ جو ڪو نائب مقرر ڪيل ڪونهي جو تنهنجي دانهن ٻڌي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تڏهن ابي‌سلوم انهيءَ کي چوندو هو تہ ”تنهنجيون ڳالهيون تہ چڱيون ۽ صحيح آهن، پر بادشاهہ وٽ اهڙو ڪو نائب مقرر ڪيل ئي ڪونهي جيڪو تنهنجي دانهن ٻڌي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 15:3
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ابي سلوم هيترو بہ چوندو هو تہ جيڪڏهن آءٌ هن ملڪ جو قاضي هجان ها تہ چڱو هو، جو جنهن ماڻهوءَ جو ڪو مقدمو يا معاملو هجي سو مون وٽ اچي ها تہ آءٌ ان جو انصاف ڪريان ها!


۽ دائود ساري اسرائيل تي بادشاهي ڪئي؛ ۽ دائود پنهنجي ساريءَ قوم جو عدل ۽ انصاف ڪيو.


انهن مان سڀڪو پنهنجي پاڙيسريءَ سان اجايون ڳالهيون پيو ڪري، اهي منهن جا مٺا ٿي، دل ۾ ٻيائي رکي ٿا ڳالهائين.


تون پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.


جيڪو پنهنجي پيءُ تي يا پنهنجيءَ ماءُ تي لعنت ڪري، سو ضرور ماريو وڃي.


چڱو ماڻهو خداوند جي مهرباني حاصل ڪندو: پر خراب تجويزن واري ماڻهوءَ کي هو ڏوهي ٺهرائيندو.


ڪا پيڙهي اهڙي آهي جا پنهنجي پيءُ کي پٽي ٿي، ۽ پنهنجي ماءُ کي دعا نٿي ڪري.


جا اک پنهنجي پيءُ تي ٺٺولي ڪري ٿي، ۽ پنهنجي ماءُ جي فرمانبرداري ڪرڻ کي پسند نٿي ڪري، تنهن کي واديءَ جا ڪانگ ٺونگا هڻي پٽي ويندا، ۽ ڳجهہ جا ٻچا کائي ويندا.


تو ۾ هنن ماءُ پيءُ ڏانهن حقارت پئي ڏيکاري آهي؛ تنهنجي وچ ۾ هنن پرديسين سان ظلم پي ڪيو آهي: تو ۾ هنن يتيمن ۽ بيوهن کي پئي ستايو آهي.


۽ انهي جي جاءِ تي هڪڙو خسيس ماڻهو کڙو ٿيندو، جنهن کي هن بادشاهيءَ واري عزت نہ ڏني هئي: پر هو صلح سلامتيءَ جي وقت ايندو، ۽ خوشامديون ڪري بادشاهي وٺندو.


اهي موسيٰ ۽ هارون جي برخلاف اچي گڏ ٿيا، ۽ انهن کي چوڻ لڳا تہ اوهين وڏي اختياري ٿا هلايو. جڏهن جماعت جو هرهڪ ماڻهو پاڪ آهي، ۽ خداوند انهن منجهہ آهي، تہ پوءِ اوهين پاڻ کي خداوند جي جماعت کان وڏا ڇو ٿا سمجهو؟


ڇالاءِ جو خدا چيو آهي تہ پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي ماءُ جي عزت ڪريو: ۽ جيڪو پيءُ يا ماءُ جي گلا ڪري سو ڀلي تہ اُڦٽ ماريو وڃي.


تڏهن پولس چيو، تہ اي ڀائرو، مون کي خبر ڪانہ هئي تہ هي ڪو سردار ڪاهن آهي؛ ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”تون پنهنجي قوم جي سردار جي گلا نہ ڪر.“


سڀني ماڻهن جي عزت ڪريو. برادريءَ وارن کي پيار ڪريو. خدا کان ڊڄو. بادشاهہ جي تعظيم ڪريو.


۽ خاص ڪري انهن کي جي جسم جي ناپاڪ خواهشن تي ٿا هلن، ۽ حڪومت کي ڪين جهڙو ٿا ڄاڻن، ۽ گستاخ ۽ ضدي آهن، ۽ جلال وارن جي گلا ڪرڻ کان بہ نٿا ڊڄن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ