Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 15:27 - Sindhi Bible

27 بادشاهہ صدوق ڪاهن کي هيترو بہ چيو تہ تون غيب ڏسندڙ ناهين ڇا؟ سلامتيءَ سان شهر ۾ موٽي وڃ، ۽ پاڻ سان پنهنجا ٻئي پٽ، اخيمعض تنهنجو پٽ، ۽ يونتن ابياتر جو پٽ، وٺي وڃ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 بادشاهہ صدوق ڪاهن کي اهو بہ چيو تہ ”تون سٺو سمجھدار آهين، سو تون پنهنجي پٽ اخيمعض ۽ ابي‌ياتر پنهنجي پٽ يونتن سان گڏ، يعني اوهين ٻيئي پنهنجن پٽن سميت سلامتيءَ سان شهر ڏانهن موٽي وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 15:27
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جي تون موٽي شهر ڏي ويندين، ۽ ابي سلوم کي چوندين تہ اي بادشاهہ، آءٌ تنهنجو ٻانهو ٿيندس؛ جيئن گذريل وقت ۾ آءٌ تنهنجي پيءُ جو ٻانهو ٿي رهيو آهيان، تيئن هاڻي آءٌ تنهنجو ٻانهو ٿيندس، تڏهن تون منهنجي خاطر اخيتفل جي مت منجهائيندين.


ڏس، اتي هنن سان سندن ٻہ پٽ، اخيمعض، صدوق جو پٽ، ۽ يونتن، ابياتر جو پٽ آهن؛ ۽ انهن جي هٿان جيڪا ڳالهہ اوهين ٻڌو سا مون ڏي چوائي موڪلجو.


هاڻي يونتن ۽ اخيمعض عين راجل جي ويجهو رهيا پيا هئا؛ ۽ هڪڙي نوڪرياڻي وڃي انهن کي خبرچار ڏيندي هئي؛ ۽ اهي وڃي اها بادشاهہ کي ٻڌائيندا هئا: انهيءَ لاءِ تہ ڪو هنن کي شهر ۾ ايندو نہ ڏسي.


تنهن کان پوءِ صدوق جي پٽ اخيمعض چيو تہ هاڻي مون کي موڪل ڏي تہ ڊوڙي وڃي بادشاهہ کي خبر ڏيان تہ ڪيئن خداوند سندس دشمنن کان وير ورتو آهي.


۽ جڏهن دائود صبح جو اُٿيو تڏهن خداوند جو ڪلام دائود جي غيب دان جاد نبيءَ تي نازل ٿيو، جنهن چيس تہ


اڃا هن ايترو ڳالهايو تہ ڏسي تہ يونتن بن ابياتر ڪاهن اچي نڪتو: ۽ ادونياہ چيس تہ لنگهي اچ؛ ڇالاءِ جو تون لائق ماڻهو آهين، ۽ خوشخبري ٿو آڻين.


اخيمعض، نفتالي ۾؛ هن بہ سليمان جي ڌيءَ بسمت سان شادي ڪئي:


بادشاهہ جي غيب دان هيمان، جو خداوند جي ڪلام لاءِ هو، تنهن جا اهي سڀ پٽ هئا، جي ناد وڄائيندا هئا. ۽ خداوند هيمان کي چوڏهن پٽ ۽ ٽي ڌيئرون ڏنيون.


۽ اخيطوب کي صدوق ڄائو، ۽ صدوق کي اخيمعض ڄائو؛


۽ هن چيس تہ هاڻي ڏس، هن شهر ۾ هڪڙو خدا جو ٻانهو آهي، ۽ اُهو اهڙو ماڻهو آهي جنهن کي سڀ عزت ٿا ڏين؛ جيڪي هو چوي ٿو سو سڀ ٿيو پوي: هاڻي هل تہ اُتي هلون؛ شايد هو اسان کي ٻڌائي سگهي تہ ڪهڙو رستو وٺون.


(اڳئين زماني ۾ اسرائيل منجهہ، جڏهن ڪو ماڻهو خدا کان ڪي پڇڻ ويندو هو تڏهن چوندو هو تہ اچو تہ غيب دان وٽ هلون: ڇالاءِ جو جنهن کي هاڻي نبي ٿا سڏين، تنهن کي اڳي غيب دان سڏيندا هئا.)


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ