Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 15:26 - Sindhi Bible

26 پر جي هو چوندو تہ آءٌ تو مان خوش نہ آهيان؛ تہ ڏس، اِجهو آءٌ هتي حاضر آهيان، جيئن کيس وڻي تيئن مون سان ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 پر جيڪڏهن هن چيو تہ ’آءٌ تو مان خوش نہ آهيان،‘ تہ پوءِ اِجھو، آءٌ تيار آهيان. جيئن کيس وڻي تيئن مون سان ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 15:26
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

چڱي همت جهل تہ پنهنجي قوم لاءِ، ۽ پنهنجي خدا جي شهرن لاءِ بهادري ڏيکاريون: پوءِ خداوند کي جيڪي وڻي سو ڪري.


۽ جڏهن انهيءَ جي سوءَ پوري ٿي، تڏهن دائود هن کي گهرائي پنهنجي گهر آندو، ۽ هوءَ سندس زال ٿي، ۽ انهيءَ منجهان هڪڙو پٽ ڄائس. پر اهو جيڪو ڪم دائود ڪيو سو خداوند جي نظر ۾ برو هو.


ڇالاءِ جو منهنجي پيءُ جو سارو گهراڻو منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي اڳيان ڄڻ تہ مُئل ماڻهو هئا: انهيءَ هوندي بہ تو پنهنجي ٻانهي کي انهن جي قطار ۾ داخل ڪيو جي خود تنهنجي دسترخاني تي ماني ٿا کائين. تنهنڪري ايتري ڪئي بہ مون کي ڪهڙو حق آهي تہ آءٌ بادشاهہ وٽ دانهن ڪريان؟


هن مون کي هڪڙي ڪشادي هنڌ ۾ آندو: هن مون کي ڇڏايو ڇالاءِ جو هو مون مان راضي هو.


برڪت وارو هجي خداوند تنهنجو خدا، جو تو مان راضي هو ۽ جنهن توکي اسرائيل جي تخت تي ويهاريو: خداوند اسرائيل کي هميشہ پيار ڪندو هو، تنهنڪري هن توکي بادشاهہ ڪيو تہ عدالت ۽ انصاف ڪرين.


۽ انهيءَ ڳالهہ جي ڪري خدا ناراض ٿيو؛ تنهنڪري هن اسرائيل کي ماريو.


خداوند تنهنجو خدا شل برڪت وارو هجي جنهن تو مان راضي ٿي توکي پنهنجي تخت تي ويهاريو آهي، تہ تون خداوند پنهنجي خدا جي طرفان بادشاهہ ٿين: ڇالاءِ جو تنهنجي خدا جي اسرائيل سان محبت هئي جو انهن کي هميشہ لاءِ قائم ڪيائين؛ تنهنڪري هن توکي انهن تي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي تہ انهن جو انصاف ۽ عدالت ڪندو رهين.


آءٌ گونگو ٿي رهيس، مون پنهنجو وات نہ پٽيو؛ ڇو جو تو ئي ائين ڪيو آهي.


ڏسو منهنجو بندو، جنهن کي آءٌ سنڀاليو اچان؛ منهنجو چونڊيل، جنهن مان منهنجي دل راضي آهي: مون پنهنجو روح انهيءَ تي نازل ڪيو آهي؛ هو قومن ۾ عدالت جاري ڪندو.


تون اڳتي ڇڏيل نہ سڏبينءَ؛ نڪي تنهنجي زمين اڳتي سڃي سڏبي: پر تون حفضيباہ (منهنجي سرهائي) سڏبينءَ ۽ تنهنجي زمين بعولاہ (وريتي) سڏبي: ڇالاءِ جو خداوند تو مان خوش آهي، ۽ تنهنجي زمين پرڻجندي.


اهو ماڻهو ڪونياہ نفرت جهڙو ڀڳل ٿانو آهي ڇا؟ هو اهڙو ٿانو آهي ڇا جو پسند ڪرڻ جهڙو ناهي؟ ڇالاءِ هو ۽ ان جو اولاد ٻاهر ڪڍيا ويا آهن ۽ انهي ملڪ ۾ ڦٽا ڪيا ويا آهن، جن جي هنن کي خبر ئي ڪانهي؟


هائو هنن سان چڱائيءَ ڪرڻ لاءِ آءٌ هنن تي راضي رهندس، ۽ يقيناً آءٌ پنهنجي سڄيءَ دل ۽ پنهنجي سموري روح سان هنن کي هن زمين تي ڄمائيندس.


جيڪڏهن خداوند اسان تي راضي هوندو تہ هو ضرور اسان کي انهي ملڪ ۾ پهچائيندو، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، ۽ اهو ملڪ اسان کي ڏيندو.


۽ حزقياہ مان منشي پيدا ٿيو: ۽ منشي مان آمون پيدا ٿيو: ۽ آمون مان يوشياہ پيدا ٿيو:


۽ هاڻي ڏس، اسين تنهنجي هٿ ۾ آهيون: جيئن توکي چڱو ۽ مناسب ڏسڻ ۾ اچي، تيئن اسان سان ڪر.


تڏهن بني اسرائيل خداوند کي چيو تہ اسان برابر گناهہ ڪيو آهي: جيڪي توکي مناسب نظر اچي سو اسان سان ڪر؛ اسين منٿ ٿا ڪريون تہ رڳو اڄ اسان کي بچاءِ.


۽ سموئيل سڀ ڪجهہ هن کي ٻڌايو، ۽ هن کان ڪجهہ بہ نہ لڪايائين. ۽ هن چيو تہ اهو خداوند آهي: ڀلي اُنهي کي جيڪي وڻي سو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ