Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 15:21 - Sindhi Bible

21 تڏهن اِتيءَ بادشاهہ کي ورندي ڏئي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي جان جو قسم آهي تہ جنهن بہ هنڌ منهنجو ڌڻي بادشاهہ ويندو انهيءَ هنڌ ضرور تنهنجو ٻانهو بہ ويندو، پوءِ مري يا جيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 پر اِتيءَ بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”زندہ خدا جو ۽ منهنجي آقا بادشاهہ جي سر جو قسم آهي تہ جنهن بہ هنڌ منهنجو آقا بادشاهہ هوندو، موت ۾ توڙي زندگيءَ ۾ اوهان جو ٻانهو بہ اوهان سان ضرور گڏ هوندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 15:21
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود اِتيءَ کي چيو تہ وڃ، لنگهي هل. ۽ اِتي جاتي لنگهي هليو، ۽ سندس سڀ ماڻهو، ۽ ٻار ٻچا جي ساڻس هئا، سي بہ ساڻس لنگهي هليا.


۽ ايلياہ اليشع کي چيو تہ مهرباني ڪري هتي ترس؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي بيت ايل تائين موڪليو آهي. ۽ اليشع چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي ۽ تنهنجيءَ جان جو قسم آهي تہ آءٌ توکي نہ ڇڏيندس. تنهنڪري هو بيت ايل ڏي ويا.


۽ ايلياہ هن کي چيو تہ اي اليشع، ڀلائي ڪري هتي ترس؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي يريحو ڏي موڪليو آهي. ۽ هن چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ تنهنجيءَ جان جو قسم آهي تہ آءٌ توکي نہ ڇڏيندس. تڏهن هو يريحو ۾ آيا.


۽ ايلياہ هن کي چيو تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ هتي ترس؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي يردن ڏانهن موڪليو آهي. ۽ هن چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ تنهنجيءَ جان جو قسم آهي تہ آءٌ توکي نہ ڇڏيندس. پوءِ هو ٻئي اڳتي هليا ويا.


پر ٻار جي ماءُ چوڻ لڳي تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ تنهنجي جان جو قسم آهي تہ آءٌ توکي نہ ڇڏينديس. ۽ هو اُٿي انهيءَ زال جي پٺيان لڳو.


دوست هر وقت پيار ڪري ٿو، ۽ ڀاءُ مصيبت جي وقت لاءِ ڄائو آهي.


جيڪو گهڻا دوست ٿو ڪري سو خود پنهنجي ناس ٿيڻ لاءِ ٿو ڪري: پر اهڙو بہ ڪو دوست ٿيندو آهي جو ڀاءُ کان بہ وڌيڪ پيار ٿو ڪري.


۽ جڏهن هو اُتي آيو، تڏهن خداوند جو فضل ڏسي خوش ٿيو؛ ۽ هنن سڀني کي سمجهايائين تہ دليون جانيون خداوند ۾ وفادار رهو:


تنهن تي هن ورندي ڏني، تہ اوهين هي ڇا ٿا ڪريو، جو روئي رڙي منهنجي دل ٿا ڀڃو! ڇالاءِ جو آئون تہ خداوند يسوع جي نالي تي يروشلم ۾ نہ رڳو ٻَڌجڻ لاءِ تيار آهيان، پر مرڻ لاءِ بہ.


آئون اوهان کي ڏوهہ ڏيڻ جي لاءِ ائين نٿو چوان، ڇالاءِ جو آئون اڳيئي چئي چڪو آهيان، تہ اوهين اسانجين دلين ۾ اهڙي طرح ٿا رهو، جو اسين گڏ مرنداسين، ۽ گڏ جيئنداسين.


تڏهن وري دائود قسم کڻي چيو تہ تنهنجي پيءُ کي پڪ خبر آهي تہ تنهنجي مون تي مهربانيءَ جي نظر آهي؛ ۽ هو چوي ٿو تہ يونتن کي انهي جي خبر نہ پوي تہ چڱو، تہ ڏک نہ ٿئيس: پر خداوند جيئري جو قسم، ۽ تنهنجي جان جو قسم، تہ يقيناً منهنجي ۽ موت جي وچ ۾ فقط هڪڙو قدم آهي:


تنهنڪري، اي منهنجا ڌڻي، خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ تنهنجي جان جو قسم آهي، تہ جڏهن خداوند توکي خون جهڙي گناهہ ڪرڻ کان، ۽ پنهنجن هٿن سان وير وٺڻ کان روڪيو آهي، تڏهن هاڻي ڀلي تہ تنهنجا دشمن، ۽ جيڪي منهنجي ڌڻيءَ جي خرابي ٿا ڳولين، سي نابال جهڙا ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ