Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 15:20 - Sindhi Bible

20 جنهن صورت ۾ تون اڃا ڪالهہ ئي آيو آهين تڏهن اڄ توکي آءٌ پاڻ سان هيڏي هوڏي ڇو رُلايان؟ ڇالاءِ جو آءٌ جيڏي وڃي سگهندس اوڏي ويندس: تون موٽي وڃ، ۽ پنهنجي ڀائرن کي بہ موٽائي وٺيو وڃ؛ شل رحم ۽ سچ توسان هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 اڃا ڪالهہ ئي تہ تون اسان وٽ آيو آهين، پوءِ اڄ تو کي آءٌ پاڻ سان هيڏي هوڏي ڇو رلائيندو وتان؟ آءٌ تہ جيڏانهن وڃي سگھندس اوڏانهن هليو ويندس. سو تون موٽي وڃ ۽ پنهنجي ساٿين کي بہ موٽائي وٺيو وڃ. شل خداوند جي رحمت ۽ سچائي تو ساڻ هجي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 15:20
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود يبيس جلعاد جي ماڻهن ڏي قاصد موڪليا، ۽ چوائي موڪليائين تہ خداوند شل اوهان کي برڪت وارو ڪري جو اوهان پنهنجي ڌڻيءَ کي، يعني سائول کي اها مهرباني ڏيکاري آهي، ۽ انهيءَ کي دفن ڪيو اٿوَ.


۽ هاڻي شل خداوند اوهان کي مهرباني ۽ سچ ڏيکاري: ۽ آءٌ اوهان کي انهيءَ مهربانيءَ جو عيوض ڏيندس، ڇالاءِ جو اوهان ائين ڪيو آهي.


جيڪي خداوند جي عهد ۽ سندس شاهدين کي مڃين ٿا: تن لاءِ هن جون سڀ واٽون ٻاجهہ ۽ سچائي آهن.


تون منهنجي رُلڻ جو حساب ٿو رکين: منهنجا لڙڪ پنهنجيءَ ٻاٽليءَ ۾ وجهي رک؛ اُهي تنهنجي دفتر ۾ داخل نہ آهن ڇا؟


جيڪو مون کي ڳهي وڃڻ ٿو گهري تنهنجي طعنن کان بچائڻ لاءِ، هو آسمان مان موڪليندو؛ هائو خدا پنهنجو رحم ۽ سچائي موڪليندو.


اهي کاڌي جي لاءِ هيڏانهن هوڏانهن رلندا، ۽ جي ڍءُ نہ ٿيندن تہ سڄي رات پيا هوندا.


هو هميشہ تائين خدا جي حضور ۾ قائم رهندو: تون پنهنجي ٻاجهہ ۽ سچائيءَ کي هن جي حفاظت لاءِ تيار ڪر.


سو آءٌ هميشہ تنهنجي نالي جي تعريف ڳائيندس، تہ آءٌ هر روز پنهنجون مڃتائون پوريون ڪريان.


رحم ۽ سچ ٻئي اچي گڏ ٿيا آهن؛ راستيءَ ۽ سلامتيءَ هڪ ٻئي کي چُميو آهي.


تنهنجو تخت سچائيءَ ۽ انصاف تي بيٺل آهي: رحم ۽ سچ تنهنجي اڳيان ٿا هلن.


جي برائيءَ جي رٿ ڪن ٿا سي گمراهہ نہ آهن ڇا؟ پر رحم ۽ سچ انهن لاءِ هوندو جي چڱائيءَ جي رٿ ٿا ڪن.


ائين نہ ڪر تہ رحم ۽ سچ توکي ڇڏي وڃن: انهن کي پنهنجي ڳچيءَ سان ٻڌي ڇڏ: انهن کي پنهنجي دل جي تختي تي لکي ڇڏ:


۽ هو سمنڊ کان سمنڊ تائين، اُتر کان وٺي اُڀرندي تائين رُلندا وتندا؛ هو خداوند جو ڪلام ڳولڻ لاءِ هيڏي هوڏي ڊوڙندا، پر انهي کي ڪين لهندا.


ڇالاءِ تہ شريعت موسيٰ جي معرفت ملي؛ پر فضل ۽ سچائي يسوع مسيح جي معرفت آيا.


تڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو، جي اٽڪل ڇهہ سؤ هئا، سي اُٿيا ۽ قعيلہ مان نڪتا ۽ جيڏي وڃي سگهيا اوڏي ويا. ۽ سائول کي خبر پيئي تہ دائود قعيلہ مان ڀڄي ويو، تڏهن هو اُتي ڪونہ ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ