Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 15:2 - Sindhi Bible

2 ۽ ابي سلوم سوير اُٿندو هو ۽ دروازي جي رستي جي ڀر ۾ بيهي رهندو هو: ۽ هيئن ٿيندو هو تہ جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو مقدمو هوندو هو جو بادشاهہ وٽ فيصلي لاءِ آڻيندو هو، تڏهن ابي سلوم انهيءَ کي سڏي چوندو هو تہ تون ڪهڙي شهر جو آهين؟ ۽ هو چوندو هو تہ تنهنجو ٻانهو اسرائيل جي هڪڙي فرقي منجهان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هاڻي ابي‌سلوم صبح جو سوير اٿندو هو ۽ شهر جي دروازي وٽ هڪ پاسي ٿي بيهي رهندو هو. پوءِ جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو ڪو مقدمو بادشاهہ وٽ فيصلي لاءِ کڻي وڃڻ چاهيندو هو، تڏهن ابي‌سلوم انهيءَ کي سڏي کانئس پڇندو هو تہ ”تون ڪٿان جو آهين؟“ تہ جيئن اها خبر پئجي سگھي تہ اهو بني اسرائيل جي ڪهڙي قبيلي منجھان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 15:2
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ حمور ۽ سندس پٽ سڪم پنهنجي شهر جي منڊيءَ ۾ آيا، ۽ پنهنجي شهر جي ماڻهن سان گفتگو ڪري چوڻ لڳا تہ


تڏهن بادشاهہ اُٿيو، ۽ دروازي ۾ ويٺو. ۽ سڀني ماڻهن کي چيائون تہ ڏسو، بادشاهہ دروازي ۾ ويٺو آهي: پوءِ سڀ ماڻهو بادشاهہ جي اڳيان آيا.


۽ هنن چيس تہ جي تون هنن ماڻهن تي مهربان ٿيندين، ۽ هنن کي خوش رکندين، ۽ هنن سان چڱيءَ طرح ڳالهائيندين، تہ هو هميشہ تنهنجا ٻانها ٿي گذاريندا.


خوني پرهہ ڦٽيءَ جو اٿي ٿو ۽ هو غريب محتاج کي ڪهي ٿو؛ ۽ رات جي وقت هو چور وانگر آهي.


۽ موسيٰ جيڪي ماڻهن سان ڪيو، سو جڏهن سندس سهري ڏٺو، تڏهن چوڻ لڳو تہ تون ماڻهن سان هي ڇا ٿو ڪرين؟ ڇو تون پاڻ اڪيلو ويٺو آهين، ۽ ٻيا سڀيئي ماڻهو صبح کان وٺي سانجهيءَ تائين تنهنجي اڳيان بيٺا آهن؟


تنهن کان سواءِ جڏهن هنن ۾ ڪو جهيڙو ٿو ٿئي، تڏهن بہ هو مون وٽ ٿا اچن، ۽ آءٌ انهن ٻنهي جي عدالت ٿو ڪريان، ۽ کين خدا جي قاعدن ۽ سندس شريعت مان واقف ٿو ڪريان.


اهي هر وقت ماڻهن جي عدالت ڪندا هئا؛ مشڪل مقدما اهي موسيٰ وٽ آڻيندا هئا، ۽ ننڍا مقدما پاڻ هلائيندا هئا.


ڇالاءِ جو حرڪت ڪرڻ کان سواءِ هو سمهن نٿا؛ ۽ جيستائين هو ڪنهن کي نٿا ڪيرائين تيستائين هنن کي ننڊ نٿي اچي.


۽ انهي جي جاءِ تي هڪڙو خسيس ماڻهو کڙو ٿيندو، جنهن کي هن بادشاهيءَ واري عزت نہ ڏني هئي: پر هو صلح سلامتيءَ جي وقت ايندو، ۽ خوشامديون ڪري بادشاهي وٺندو.


هاڻي جڏهن صبح ٿيو، تڏهن سڀني سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن جي بزرگن يسوع کي ماري وجهڻ لاءِ سندس برخلاف صلاح مشورت ڪئي:


جيڪڏهن تنهنجن ڳوٺن مان ڪٿي بہ پاڻ ۾ خون، يا دعويٰ، يا ماراماري جون ڪي اهڙيون تڪراري ڳالهيون هجن، جن جو فيصلو ڪرڻ تنهنجي لاءِ تمام ڏکيو هجي: تہ پوءِ تون اُٿي انهيءَ جاءِ تي وڃج، جا خداوند تنهنجو خدا چونڊي؛


هاڻي بوعز دروازي ڏانهن ويو، ۽ اُتي وڃي ويهي رهيو: ۽ ڏسو جنهن ويجهي مائٽ جو بوعز ذڪر ڪيو هو، سو اُتي اچي نڪتو؛ ۽ هن اُن کي چيو تہ اي فلاڻا هيڏانهن اچ ۽ اچي هتي ويهہ. ۽ هو آيو ۽ اچي ويٺو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ