Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 15:19 - Sindhi Bible

19 تڏهن بادشاهہ اِتي جاتيءَ کي چيو تہ ڇالاءِ تون اسان سان ٿو هلين؟ موٽي وڃي بادشاهہ سان رهہ: ڇالاءِ جو تون پرديسي آهين، ۽ شهر نيڪالي بہ ڏنل آهين؛ موٽي پنهنجي جاءِ تي وڃ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 تڏهن بادشاهہ جاتين جي اڳواڻ اِتيءَ کي چيو تہ ”تون اسان سان گڏ ڇو ٿو هلين؟ موٽي وڃي نئين بادشاهہ سان رهہ. جيئن تہ تون ڌاريو آهين ۽ جلاوطن بہ ٿيل آهين، سو موٽي پنهنجي جاءِ تي وڃ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 15:19
4 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن صورت ۾ تون اڃا ڪالهہ ئي آيو آهين تڏهن اڄ توکي آءٌ پاڻ سان هيڏي هوڏي ڇو رُلايان؟ ڇالاءِ جو آءٌ جيڏي وڃي سگهندس اوڏي ويندس: تون موٽي وڃ، ۽ پنهنجي ڀائرن کي بہ موٽائي وٺيو وڃ؛ شل رحم ۽ سچ توسان هجي.


۽ دائود ٽئين حصي جيترا ماڻهو، يوآب جي هٿ هيٺ، ۽ ٽئين حصي جيترا، يوآب جي ڀاءُ ضروياہ جي پٽ ابيشيءَ جي هٿ هيٺ، ۽ ٽئين حصي جيترا جاتي اِتيءَ جي هٿ هيٺ اڳي موڪلي ڏنا. ۽ بادشاهہ ماڻهن کي چيو تہ آءٌ پاڻ بہ اوهان سان ضرور هلندس.


۽ هن چيس تہ ڏس تنهنجي ڏيرياڻي پنهنجي قوم ڏانهن، ۽ پنهنجي معبود ڏانهن موٽي ويئي آهي، تون بہ پنهنجي ڏيرياڻيءَ جي پٺيان موٽي وڃ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ