Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 15:16 - Sindhi Bible

16 پوءِ بادشاهہ نڪتو، ۽ سندس سارو گهراڻو سندس پٺيان لڳو. ۽ بادشاهہ گهر جي سنڀال لاءِ ڏهہ زالون ڇڏيون جي سريتون هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 پوءِ بادشاهہ نڪتو ۽ سندس سڄو گھراڻو سندس پٺيان لڳو. بادشاهہ محلات جي سنڀال لاءِ پنهنجيون ڏهہ سريتون پوئتي ڇڏيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 15:16
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ تنهنجي ئي گهر مان تو تي خرابي اُٿاريندس، ۽ تنهنجين اکين آڏو تنهنجون زالون وٺي تنهنجي پاڙيسريءَ کي ڏيندس، ۽ اُهو ڏينهن ڏٺي جو تنهنجي زالن سان سمهندو.


شاهوڪار ماڻهوءَ وٽ گهڻا ڌڻ ۽ مال جا گلا هئا:


۽ بادشاهہ جي نوڪرن بادشاهہ کي چيو تہ ڏس، جيڪي منهنجي ڌڻي بادشاهہ کي پسند آهي انهيءَ جي ڪرڻ لاءِ تنهنجا ٻانها تيار آهن.


۽ بادشاهہ روانو ٿيو ۽ سڀ ماڻهو سندس پٺيان ويا؛ ۽ اهي بيت مرحاق ۾ اچي ترسيا.


۽ ابي سلوم جنهن کي اسان مسح ڪري پنهنجي مٿان مقرر ڪيو سو جنگ ۾ مري ويو آهي. تنهنڪري هاڻي ڇو اوهين بادشاهہ کي موٽي وٺي اچڻ جو ذڪر ئي نٿا ڪريو؟


۽ دائود يروشلم ۾ پنهنجي گهر آيو؛ ۽ جيڪي ڏهہ زالون بادشاهہ جون سريتون هيون ۽ جن کي هو گهر جي سنڀال لاءِ ڇڏي ويو هو، تن کي هن کڻي بند ۾ وڌو، ۽ اتي کاڌو پهچائي پئي ڏنائين، پر ساڻن صحبت ڪانہ ٿي ڪيائين. انهيءَ طرح هو مرڻ جي ڏينهن تائين بند ٿيون پيون هيون، ۽ رناپڻ ۾ گذارينديون آيون.


اي خداوند، منهنجا دشمن ڪيئن نہ وڌي ويا آهن! ۽ جيڪي منهنجي برخلاف اُٿيا آهن، سي گهڻا ئي آهن.


۽ هن جهان جو نمونو اختيار نہ ڪريو: پر پنهنجيءَ دل جي نئون ٿيڻ ڪري بدلجي وڃو، تہ آزمودي مان سمجهي سگهو، تہ خدا جي چڱي، ۽ پسنديدہ، ۽ ڪامل مرضي ڪهڙي آهي.


۽ برق، زبولون ۽ نفتاليءَ کي ڪوٺي قادس ۾ گڏ ڪيو؛ ۽ ڏهہ هزار ماڻهو ساڻس گڏ هئا، ۽ دبورہ بہ ساڻس گڏ هئي.


۽ هاڻي هي نذرانو، جو تنهنجي ٻانهيءَ پنهنجي ڌڻيءَ لاءِ آندو آهي، سو ڀلي تہ انهن جوان ماڻهن کي ڏنو وڃي، جي منهنجي ڌڻيءَ جي پٺيان ٿا هلن.


۽ ابيجيل تڪڙي ٿي اُٿي، ۽ گڏهہ تي چڙهي، ۽ انهي سان گڏ پنج ٻانهيون سندس پٺيان هليون؛ ۽ هوءَ دائود جي قاصدن جي پٺيان ويئي، ۽ دائود جي زال ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ